غريبن جي سواري “ريل گاڏين” جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

0
241
ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ
غريبن جي سواري “ريل گاڏين” جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

لاهور: ريل گاڏين کي پاڪستان ۾ غريبن جي سواري سمجهيو ويندو آهي، پر هاڻي ريلوي کاتي به ٽرينن جي ڀاڙن ۾  10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ريلوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نثار احمد ميمڻ چيو آهي ته ريلوي واقعي به غريبن جي سواري آهي، تنهن ڪري اسان ڪراين ۾ وڏي عرصي کان اضافو نه ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته 2019 ۾ ٽرين جي ڀاڙن ۾ رڳو 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو هو، گذريل ٻن سالن دوران پگهارن ۾ اضافو ٿيو پر اسان ريلوي جي ڀاڙن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو

نثار احمد ميمڻ چيو ته ڊالر جي ملهه ۾ واڌ ۽ پگهارن ۾ اضافي سبب ڀاڙا وڌائڻ مجبوري آهي ۽ ريلوي جي ڀاڙن ۾ اڄ کان 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي

ھي وڊيو بھ ڏسندا