غربت جي انتها: بيروزگار نوجوان والد جي ڪفن دفن کان لاچار

0
393

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ غربت جي انتها، حيدرآباد ۾ فوت ٿيل پيرسن جي ايڌي رضاڪارن پاران تدفين، بيروزگار پٽ وٽ پيءُ کي ڪفن ڏيڻ جيترا به پئسا نه هئا. رپورٽ مطابق سنڌ ۾ غربت انتها درجي تي پهچڻ شروع ٿي آهي. حيدرآباد جي سرفراز ڪالوني واري علائقي ۾ هڪ پٽ وٽ ڪفن جيترا پئسا نه هجڻ تي هن پنهنجي پيرسن والد جو لاش ايڌي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو. ايڌي رضاڪارن غسل ڪفن بعد ميت جي تدفين ڪري ڇڏي.

ايڌي رضاڪارن مطابق سرفراز ڪالوني جي علائقي ۾ رهندڙ هڪ نوجوان زاهد علي مگسي اداري کي درخواست ڏني ته سندس پيءُ 65 سالن جو شهمير مگسي بيماري سبب فوت ٿي ويو آهي. وٽس ايتري رقم نه آهي جو هو پنهنجي فوت ٿيل پيءُ جي مڙهه کي ڪفن ڏئي دفنائي سگهي. ايڌي رضاڪارن سندس درخواست تي ميت کي ڪفن ڏئي ان جي تدفين ڪري ڇڏي. فوتي پيرسن اصل لاڙڪاڻي جو رهواسي هو.

سندس پٽ گذر سفر لاءِ حيدرآباد ۾ ڪوششون ڪيون پر کيس ڪو روزگار ملي نه سگهيو ان ڪري هن وٽ پنهنجي پيءُ جي علاج توڙي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪفن دفن جا پئسا به نه هئا. ايڌي ترجمان مطابق نوجوان ۽ سندس پيرسن پيءُ هڪ ڪمري واري گهر ۾ رهائش پذير هئا ۽ سندن گهر ۾ غربت جو راڄ آهي.