غازي ڳوٺ بلاڪ ”جي“ ڊاهڻ لاءِ آپريشن جو امڪان، ڌرڻو

0
121

ڪراچي: غازي ڳوٺ بلاڪ جي کي ڊاهڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اڄ آپريشن ڪيو ويندو

امڪاني آپريشن جو ٻڌي ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ کي اڳ به ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان سالن کان آباد آهيون، اسان کي بي گهر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي

ڳوٺاڻن موجب اسان پنهنجا گهر ڊاهڻ نه ڏينداسين، اسان مزاحمت ڪنداسين