ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم بحالي ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار واپاري اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي شهر کي نظرانداز ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت پڻ 13 سالن کان هن شهر سان ظلم ڪيو آهي، هن وقت ڪورونا جي نالي تي ڪاروبار تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن سان غربت وڌندي، اسين مزدورن توڙي دڪاندارن سان گڏ آهيون، ڪراچي ۾ من پسند هنڌن تي ڪاروبار کليل آهي، جنهن سان تعصب پکڙجي رهيو آهي، ان موقعي تي واپاري اڳواڻن عتيق مير ۽ جاويد شمس سنڌ سرڪار جي 8 مئي کان ڪاروبار بند ڪرڻ واري ڪيل اعلان کي رد ڪندي چيو ته سرڪار پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهي ٿي، اسان اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ نٿو ورتو وڃي، عيد جي موقعي تي مارڪيٽون سيل ڪري ڳرا ڏنڊ وڌيا پيا وڃن، هنن چيو ته اسان کي عيد تائين پنهنجي ڪاروبار هلائڻ ڏنو وڃي.