بدين (رپورٽر) عوامي تحريڪ ضلعي بدين جو اجلاس ايڊووڪيٽ مير بشير جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ پاڻي کوٽ ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان لاڙ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علي محمد پرويز، مهراڻ درس، جاکرو نوحاڻي، محمد علي ٽالپر، مير بشير، زرقا هاليپوٽو، ساجده خاصخيلي، بيگم ٽالپر، بيگم زئور ۽ ٻين چيو ته سنڌ قبضا مافيا ۽ ڌارين جي يلغار ۽ لاقانونيت جي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي. ان ڪري سنڌ جي عوام کي منظم جدوجهد جي تياري ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ پاڻي ۽ کوٽ ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان ”لاڙ بچايو سنڌ بچايو ڪانفرنس“ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.