عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ صفائي واري عملي ۽ سوئيپرن کي 2 مھينن کان پگھارون نه ملي سگھيون آھن، جنھن سبب 70 کان وڌيڪ ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب اسپتال گرائونڊ، طالب الموليٰ چوڪ، بس اسٽينڊ ۽ ٻين علائقن ۾ گٽرن الا اٿلي پيا آهن، جنهن سبب گندو پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي، ان حوالي سان صفائي ملازمن اسلم مسيح، حمزو بجير، پرويز، اشرف ڀٽي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٻن مھينن کان پگھارون نه مليون آھن، جنهن سبب ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، هنن چيوته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي طرف ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او غلام حسين سمون ٻڌايو ته صفائي واري عملي جون پگھارون ٿي ويون آھن، انھن جي پگھار ۾ ھڪ 2 ڏينھن دير ٿي ھئي پر اھو مسئلو حل ٿي ويو آھي. ٻي طرف شهرين هرچند، ڪمليش، پرشوتم، راجيش ۽ ٻين دانيهندي چيو ته شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، ڪنو پاڻي روڊن تي بيهڻ سبب اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.