عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) عمرڪوٽ لڳ ڪولهي دڙي واسڻ نوجوان ناري کي مائٽن طبعيت سهي نه هجڻ سبب سول اسپتال داخل ڪرايو، ناري مائٽن پاران قيد ڪرڻ ۽ شادي شده هجڻ جي دعويٰ ڪئي، اطلاع تي پوليس پهچي ناري کي ٿاڻي تي آندو، اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. عمرڪوٽ شهر جي ڪولهي دڙي واسڻ 18 سالن جي درشنا گورڙو کي مائٽن طبعيت خراب هجڻ ڪري سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ داخل ڪرايو، جتي ناري درشنا ڊسپينسر کي حقيقت ٻڌائي جنهن تي ڊسپينسر اھڙو اطلاع عمرڪوٽ جي صحافين کي ڏنو، صحافين آڏو ڳالهائيندي ۽ دانهيندي ناري چيو ته مونکي ڪا به بيماري نه آهي آئون شادي شده آهيان، جيڪڏھن مائٽ مونکي واپس گهر وٺي ويا ته ماري دفن ڪري ڇڏيندا، منهنجي زندگيءَ بچائي وڃي ۽ مونکي منهنجي مڙس سان ملايو وڃي. جڏهن ته مائٽ مونکي دماغ جي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃي منهنجو چريائپ وارو سرٽيفڪيٽ وٺي آيا آهن. جڏهن ته آئون مڪمل طور تي صحت مند آهيان ۽ چري نه آھيان، مون بيمار هجڻ جو بهانو ڪيو آهي جيئن مائٽ مونکي اسپتال وٺي اچن ۽ اتان مڙس سان رابطو ٿي سگهي. مامري جو اطلاع ملڻ تي عمرڪوٽ پوليس اسپتال داخل ڪيل ناري درشنا کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو جتي وڏي تعداد ۾ ناري جا وارث پهچي ويا ۽ درشنا کي مائٽن حوالي ڪرڻ لاءِ پوليس کي زور ڀريندا رهيا، وومين ٿاڻي جي ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري کي ڪنهن جي به حوالي نه ڪنداسين اڄ کيس عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو ويندو جيڪو عدالت فيصلو ڏنو ناري انهيءَ حوالي ڪنداسين.