اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پرڏيهي فنڊ حاصل ڪندڙ فتني جي پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت، پوليس ۽ انتظاميا آهي پر ان جي ايف آءِ آر نه ٿي ڪٽجي سگهي ڇو ته اهو پنجاب ۾ طاقتور جو قانون چاهي ٿو، ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهي ٿو، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ٻن ڪلاڪن تائين الزامن ۽ ڪوڙ سان ڀريل پريس ڪانفرنس کان پهريان قانون مطابق هي ٻن صفحن تي ٻڌل ايف آءِ آر ڪٽرائي وٺي، هن چيو ته عمران خان پنجاب انتظاميا کي غلط ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، عمران نيازي جي خواهش تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي ڏنڊا بردارن ٿاڻي تي به حملو ڪيو.