ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عامر ڊوگر جو پارٽي ايم اين ايز جي واٽس ايپ گروپ لاءِ پيغام، آڊيو ليڪ ٿي وئي، عامر ڊوگر کي گروپ جي ميمبرن کي ڌرڻي، احتجاج ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو، عامر ڊوگر چوي ٿو ته پارٽي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سمورا ايم اين ايز الاٽ ڪيل هنڌ تي احتجاج ڪن ۽ وڊيو ٺاهي ضرور شيئر ڪن، احتجاج 3 ڏينهن تائين ڪيو ويندو.