لاهور (م ڊ) ڊالر جي قيمت ۽ وياج جي شرح ۾ واڌ تي عمران خان جي تنقيد جي جواب ۾ ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته توهان جي همت آهي ته توهان انهن ماڻهن تي تنقيد ڪري رهيا آهيو، جيڪي توهان جي غلط ترجيحن ۽ غلط پاليسين کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته توهان آءِ ايم ايف سان ظالماڻي ڊيل ڪئي، توهان آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙي پاڪستان کي مهانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو.