اسلام آباد(بيورورپورٽ) حڪومت گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ڇڏي. سڄي ملڪ جي يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم پيڪيج تحت في ڪلو گيهه 115 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب گيهه 375 رپين مان وڌائي 490 رپيا ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حقدارن لاءِ اها واڌ نه هوندي.