عمران خان هارائڻ ۾ خوش آهي ۽ نه کٽڻ ۾ خوش آهي: راڻا ثناءُ الله

0
249
گهرو وزير جي پنجاب

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان سياسي طور سڀني سان رابطا ڪري رهيا آهيون، نون ليگ خريد ۽ وڪري جو ڪاروبار نه پهرين ڪيو آهي، نه هاڻي ڪندي

گهرو وزير چيو ته  سڀاڻي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڀرپور طريقي سان پنهنجي سياسي ايڪسرائيز ڪنداسين

هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته انوکو لاڏلو نه هارائڻ ۾ خوش آهي ۽ نه کٽڻ ۾ خوش آهي، ڌمڪيون ۽ الزام هڻڻ کانسواءِ کيس ٻيو ڪوبه ڪم ناهي

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ۾ جن ميمبرز جو ضمير جيئرو هوندو، اُهو پرويز الاهي کي ووٽ نه ڏيندو