سڀاڻي کان سياست ۾ نئون رنگ اچي ويندو: شيخ رشيد

0
273

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته امپورٽيڊ حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا، هاڻي چونڊن جو اعلان ڪري ملڪ کي وڌيڪ بحران کان بچائڻ گهرجي

شيخ رشيد چيو ته  سڀاڻي کان سياست نئين رنگ ۾ اچي ويندي، اُميد ته پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويندو

شيخ رشيد چيو ته عمران خان تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ٻڌايو ته عمران خان جو رستو ڪير روڪيندو؟

هن چيو ته پي ڊي ايم جي اتحاد سان ڪو فرق نه پوندو، عمران خان هڪ ئي ٿُڏي سان 14 آنا ڀڃي ڇڏيا آهن، آصف زرداري نواز ليگ کي دفن ڪري ڇڏيو، هو ٻن ڀائرن کي ويڙهائي رهيو آهي، عمران خان جلد سنڌ جو دورو ڪندو

ھي به پڙھندا

عمران خان هارائڻ ۾ خوش آهي ۽ نه کٽڻ ۾ خوش آهي: راڻا ثناءُ الله