لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ انڪشاف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب جي حراست ۾ به ساڻس رابطي ۾ هو. عرب نيوز سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته گرفتاري واري ڏينهن عمران خان کي ٽي وي تائين پهچ نه هئي. رپورٽر پڇيو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي ته عمران خان کي ٽي وي تائين پهچ نه هئي؟ جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته آئون ان ئي شهر ۾ رهان ٿو، اسان کي رابطو ڪرڻ جا سمورا طريقا اچن ٿا. ياد رهي ته ان کان اڳ عمران خان جي گرفتاري بعد مسرت جمشيد چيما سان رابطي جي به آڊيو ليڪ ٿي هئي. جنهن ۾ هو پنهنجو ڪيس سپريم ڪورٽ کڻي وڃڻ جو چئي رهيو هو. هن سپريم ڪورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته 9 مئي جي واقعن جي تشدد ڀرين واقعن جي کيس خبر ناهي هو ته حراست ۾ هو.