عمران خان سردار عبدالقيوم نيازي کي وزيراعظم آزاد ڪشمير لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو

0
257
پي ٽي آءِ جو عبدالقيوم نيازي

ڪراچي(م ڊ) وزيراعظم عمران خان سردار عبدالقيوم نيازي کي وزيراعظم آزاد ڪشمير جي لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي مقرري لاءِ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ووٽنگ اڄ ٿيندي، جنهن جي لاءِ گڏيل اپوزيشن طرفان چوڌري لطيف اڪبر کي نامزد ڪيو ويو آهي، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سردار عبدالقيوم نياز کي نامزد ڪرڻ جي تصديق پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ذريعي ڪري ڇڏي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته سردار عبدالقيوم نيازي مسلم ڪانفرنس ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو، سردار عبدالقيوم نيازي 25 جولاءِ تي ٿيندڙ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيبملي جي چونڊن ۾ تڪ ايل اي 18 پونڇ ون مان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. سردار عبدالقيوم ۽ اپوزيشن اميدوار چوڌري لطيف اڪبر جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا آهن، واضح رهي ته 53 ميمبرن تي ٻڌل ايوان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 27 ووٽ گهربل آهن، 3 وڌيڪ سيٽن تي ڪاميابي بعد پي ٽي آءِ 32 سيٽن تي واضح اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي، پ پ 12، ن ليگ 7 جڏهن ته ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي ۽ مسلم ڪانفرنس وٽ هڪ هڪ سيٽ موجود آهي.