عمران خان تي پنجاب ۾ حملو ڪيئن ٿيو؟

0
202
عمران خان تي پنجاب ۾ حملو ڪيئن ٿيو؟

 وزيراعظم شهباز شريف چائنا کان واپس آيو هو، اسان صحافين کي چيو ويو ته وزيراعظم شام 5 وڳي پريس ڪانفرنس ڪندو، جنهن ڪري ميڊيا جو رخ وزيراعظم هائوس ڏانهن هو، ان ڪري به ته شهباز شريف چائنا وڃڻ کان اڳ پنهنجي پريس ڪانفرنس کي ڪسان پيڪيج تائين محدود رکيو هو، جنهن جو مقصد اهو هو ته هينئر واري پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف ضرور سياسي سوالن جا جواب ڏيندو، اهو به پنهنجي حاصلات ۾ بيان ڪندو ته عمران خان جي دور ۾ سي پيڪ کي ڪيترو نقصان پهتو، هينئر چائنا ۾ اسان ڇا ڇا حاصل ڪري آيا آهيون پر جنهن وقت اسان وزيراعظم هائوس جي دروازي وٽ پهچڻ وارا هئاسين ته ميڊيا ۾ افراتفري واري ڪيفيت نظر آئي، ڪيترائي صحافي ته مين گيٽ وٽان ئي واپس ٿي رهيا هئا، وزيراعظم هائوس اندر اها خبر پهچي چڪي هئي ته عمران خان زخمي ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ جيڪي صحافي ٻاهران ئي واپس وري رهيا هئا انهن کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پنهنجي پريس ڪانفرنس ملتوي ڪري ڇڏي آهي، قومي اسيمبليءَ جو اجلاس به ان ئي وقت هلندڙ هو ان جي ايجنڊا به هڪ ڏينهن اڳ جاري ٿي هئي پر ان اجلاس جي اندر عمران خان جي زخمي ٿيڻ جي خبر بحث جو موضوع بڻجي وئي.

عمران خان گجرانوالا ويجھو پنهنجي ڪنٽينر ۾ پنهنجي مرڪزي قيادت سان گڏ موجود هو، جتي عمران خان تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ عمران خان زخمي ٿي پيو، عمران خان جي لانگ مارچ دوران فائرنگ جي شروعاتي خبر ان حد تائين هئي ته عمران خان هڪ استقبالي ڪئمپ ۾ موجود هو جتي فائرنگ ۾ پي ٽي آءِ جا 3 ڪارڪن زخمي ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ اها خبر آئي ته عمران اسماعيل سنڌ جو اڳوڻو گورنر آهي اهو به زخمي ٿيو آهي پر جڏهن اها خبر سامهون آئي ته ان واقعي ۾ عمران خان پاڻ به زخمي ٿيو آهي، تڏهن معاملي جي سنجيدگيءَ جو اندازو شهر جا روڊ رستا ۽ پارليامينٽ جا اجلاس به  بيان  ڪري رهيا هئا، اسلام آباد جي مري روڊ واري پاسي ٽريفڪ معمول کان گھٽجي وئي، اسلام آباد پوليس اهي بيان جاري ڪيا ته جيڪڏهن مڇريل هجوم فيض آباد کان اڳتي آيا ته ساڻن سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو.

عمران خان جي پارٽي جي اڳواڻن شروعاتي رد عمل ۾ ئي راڻا ثناءُ الله سميت وفاقي حڪومت کي نه رڳو نشانو بڻايو پر ان سڄي معاملي کي راڻا ثناءُ الله ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته هي واقعو پنجاب جي اندر پيش آيو هو جتي عمران خان جي پنهنجي وزيراعليٰ چوڌري پرويز الاهي جي حڪومت آهي، ان کان اڳ ۾ جڏهن شهباز شريف جي پنجاب ۾ حڪومت هئي تڏهن عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري وارا به اهڙا احتجاج ۽ لانگ مارچ ڪندا هئا پر هن ڀيري چيو پئي ويو ته چوڌري پرويز الاهي پنهنجي دور ۾ ماڊل ٽائون جھرن واقعن کي نه ورجائيندو.

اهو به سمجھيو پئي ويو ته وفاقي حڪومت ۽ عمران خان جي وچ ۾ سياسي دنگل ۾ اسٽيبلشمينٽ واري پريس ڪانفرنس کان پوءِ چوڌري پرويز الاهي به پنهنجو فقط سياسي ڪردار ادا ڪندو، ٿي سگھي ٿو ته گجرانوالا کان جڏهن لانگ مارچ اڳتي نڪري ته چوڌري ڀائر وري ڳالهين وارو ڪردار ادا ڪن، پر هاڻ ته ڳالهين کان معاملا ٻئي پاسي هليا ويا آهن. هي لانگ مارچ گجرانوالا کان اڳتي نڪتو ئي هو ته عمران خان جي زخمي ٿيڻ جو واقعو پيش آيو آهي، حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته جنهن شخص عمران خان تي گوليون هلايون اهو عمران خان جي ڪنٽينر جي بلڪل سامهون پهچي ويو هو، گوليون هلائڻ جو انداز ٻڌائي رهيو هو ته عمران خان ان جو مرڪزي ٽارگيٽ هو، سندس گولي ٽارگيٽ تي لڳڻ واري عمل مان ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هن ڪو پهريون ڀيرو هٿيار هٿ ۾ نه کنيو هو، سندس فائرنگ جي نتيجي ۾ عمران خان، فيصل جاويد سميت مرڪزي قيادت زخمي ٿي، واقعي واري جڳهه تي ئي موجود پوليس ان گولي هلائيندڙ کي گرفتار ڪري ان جو وڊيو بيان به جاري ڪري ڇڏيو، هن واقعي محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري واقعي کي ذهنن ۾ ورجائي ڇڏيو، عمران خان تي حملو ڪندڙ شخص جي گولي هلائڻ واري انداز به اهو واقعو ياد ڪرايو، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ گوليون هلايون پيون وڃن.

هن واقعي اهي سوال وري پيدا ڪري ڇڏيا آهن ته هن ملڪ جي اندر مقبول قيادت جي زندگي ڪيترو محفوظ آهي، سوال اهي به پيدا ٿيا آهن ته هي اڃا ان سطح جي چونڊ مهم نه هئي جيڪا شروع ٿيڻي آهي، ان وقت چونڊ مهم دوران پارٽين جي مرڪزي قيادت چونڊ مهم ڪيئن هلائيندي؟

هن لانگ مارچ جي شروعات عمران خان ان مطالبي سان ڪئي هئي ته موجوده شهباز حڪومت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏي ته حڪومت اهو موقف اختيار ڪيو هو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ئي ٿينديون. عمران خان جو لانگ مارچ حڪومت تي گھڻو دٻاءُ وجھندي نظر نه پئي آيو. عمران خان لانگ مارچ جي اسلام آباد پهچڻ وارن ڏينهن جي حوالي سان به واضح نه هو، جنهن ڪري حڪومت به پرسڪون نظر پئي آئي، لڳي رهيو هو ته هي لانگ مارچ پرامن رهندو، صدر عارف علوي ۽ ٻيا ان وچ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا پر فيصل واوڊا وارا سمجھن پيا ته هي خوني مارچ هوندو، هاڻي ته اسد عمر وارا به عمران خان جو اهو بيانيو کڻي سامهون اچي رهيا آهن، جنهن بيانيي کي عمران خان ورجائيندو رهيو آهي ته منهنجي جان به هلي وڃي پر تحريڪ تان هٿ نه کڻندس، عمران خان اهو به چيو هو ته هن وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائي رکي ڇڏيو آهي، هاڻ هن واقعي کي اسد عمر وارا هڪ ئي وقت شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ڏانهن نه رڳو موڙي رهيا آهن پر ان ۾ ميجر جنرل فيصل جو به نالو کنيو آهي، تنهن ڪري عمران خان هاڻ پنهنجي بيانيي جي اندر وڌيڪ جان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. عمران خان جو اهو لانگ مارچ جنهن ۾ جوش جي گھٽتائي محسوس ڪئي پئي وئي، جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته جڏهن اهو مارچ راولپنڊي کان اڳتي اسلام آباد پهچندو تڏهن عمران خان ۽ راڻا ثناءُ الله آمهون سامهون ٿيندا پر اها صورتحال ان کان اڳ ئي پيدا ٿي وئي آهي جو وفاق ۽ عمران خان آمهون سامهون  ٿي ويا آهن پر ان سڄي معاملي ۾ اها جاچ پوئتي رهجي ويندي، جنهن جي گھر وفاقي حڪومت ۽ خود عمران خان جي پارٽي به ڪري رهي آهي ته هن واقعي جي جاچ ڪئي وڃي ته اهو واقعو ڇو پيش آيو.