سنڌ جي تبديلي جي واٽ .!!

0
124
سنڌ جي تبديلي جي واٽ .!!

سنڌ ۾ موجود سڀئي ڌريون پنهنجن ڪمين ۽ ڪوتاهين جي باوجود سنڌ جي آجپي ۽ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن جنهن لاءِ هو جس لهڻيون پر سنڌ سان جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جي حل لاءِ ڪا هڪ ڌر به اهڙي نه آهي جيڪا سنڌ جي مسئلن کي اڪيلي سر حل ڪري سگهي. پوين چاليهن سالن کان سنڌ ۾ ساڳيون پارٽيون ڪم ڪري رهيون آهن انهن ۾ ڪابه واڌ ڏسڻ ۾ نٿي اچي سواءِ ڪجھه وقتي احتجاجن جي هنن وٽ ڪوبه مستقل جدوجهد جو رستو موجود نه آهي ۽ نه ئي وٽن ڪو پروگرام ۽ حڪمت عملي آهي ته هو سنڌ سان چهٽيل انيڪ مسئلن کي ڪهڙي ريت حل ڪندا؟ هي پارٽيون صرف اڳواڻن جي نالن تي هلن ٿيون جيئن ڪي ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هلنديون آهن. اڳواڻ گذاري وڃي ٿو ته ان جو اولاد اها پارٽي سنڀالي ٿو ڳالھه سڀ جمهوريت جي ڪن ٿا پر سندن پارٽين ۾ ڪابه جمهوري روايت ڏسڻ ۾ نٿي اچي هنن وٽ ڊڪٽيٽرشپ آهي جيڪو اڳواڻ جو فيصلو هوندو ان تي عمل ڪرڻو آهي پوءِاهو حالتن پٽاندر هجي يا نه هجي. پارٽيون خواهشن تي نه هلنديون آهن بلڪه معروضي حالتن کي نظر ۾ رکي پنهنجي حڪمت عملي جوڙينديون آهن اهو سبب آهي جو سموريون پارٽيون چاڪي جي ڏاند وانگر پوين ڪيترن سالن کان رڳو ڦيرا پيون پائن ۽ شخصيتن جي سحر ۾ مبتلا آهن وٽن جيڪي ڪارڪن آهن تن جي سياسي تعليم ۽ تربيت جو ڪو بندوبست ناهي. جڏهن ليڊرن جي مرضي ٿيندي ته ڪو احتجاجي جلوس نڪرندو ڪو لانگ مارچ ٿيندو پوءِ جنهن مسئلي تي اهو جلوس يا احتجاج ٿئي ٿو سو مسئلو حل ٿئي ٿو يا نه تنهن سان سندن ڪو واسطو ناهي بس هنن جو ڪم صرف هڪ  يا ٻه ڏينهن احتجاج ڪرڻ آهي ۽ ماڻهن کي اهو محسوس ڪرائڻ آهي ته اسان موجود آهيون. “ پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي” واري ڪار آهي. هي پارٽيون به جهڙوڪر ڪنهن اخبار جيان آهن اخبار وري به ڪنهن اهم مسئلي تي لڳاتار ڪجهه ڏينهن خبر کي فالو ته ڪندي آهي، هي ته بس رڳو هڪ احتجاج ڪندا بس ان جو تازو مثال سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ دوران سندن ڪارڪردگي آهي جنهن ۾ مھيني کانپوءِ سنڌ جي ڪجھه پارٽين جو گڏيل هڪ ڏينهن جو احتجاج ٿيو ان کان پوءِ ست خير لڳا پيا آهن. ڪنهن به قوم جا مسئلا اهڙين وقتي حڪمت عملين سان حل نه ٿيندا آهن ان لاءِ مستقل جدوجهد جي ضرورت هوندي آهي جيستائين وڃي مسئلو حل ٿئي اهو ئي سبب آهي جو ڏينهون ڏينهن سنڌ جا مسئلا ۽ مشڪلاتون گهٽجڻ بدران وڌي رهيون آهن. ان سڄي وايومنڊل ۾ صرف  سنڌ جي تبديلي جي هڪ ئي واٽ نظر اچي ٿي اها هي آهي ته جيستائين سڀ قومپرست،جمهوريت پسند،لبرلز،سيڪيولر،سوشلسٽ،اديب،شاعر،سماج سڌارڪ ۽ امن پسند انسان دوست فرد ۽ گروپ آهن سي سڀ  گڏجي بنيادي آئيني،انساني ۽ جمهوري حقن جي حاصلات لاءِ ڪن نقطن تي سهمت ٿين ڪو طريقيڪار طئي ڪري،مضبوط اتحاد جوڙين(اڳ جهڙا اتحاد نه ٿين جيڪي ڪجھه عرصو هلي ختم ٿي وڃن ۽ سنڌي ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن) جيستائين سنڌ جون سموريون پارٽيون جن جي جدوجهد سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ آهي اهي گڏجي ويهي صلاح مصلحت سان ڪو دڳ متعين نه ڪندا سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا بلڪه اڃان وڌيڪ وڌندا.

سنڌ لاءِ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن تنهنڪري ان ڳالھه جي شديد ضرورت آهي ته پاڻ ۾ متحد ٿي مسئلن جي حل لاءِ رستو ڪڍجي ان کان ڪن لاٽار تمام نقصانڪار ٿيندي.

 اڄوڪي وقت ۾ اهڙي غلطي جي گنجائش نه رهي آهي پوين چاليهن سالن کان حوال به گهڻا ٿيا آهن بحثن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي جو پاڻ ڪچهرين جا ڪوڏيا آھيون پر انهي چڪر ۾ ڪم لهندو پيو وڃي جيڪڏهن اڄ به پاڻ هڪ قوت بڻجي جدوجهد نه ڪنداسين ته پوءِ سنڌ ۾ رڳو بحث ۽ ڪچهريون رهجي وينديون پوءِ ڪنهن به تبديلي جي اميد نٿي ڪري سگهجي ڇو ته سنڌ جي وسيلن تي جيڪي قابض قوتون آهن ۽ جن جا سنڌ ۾ مفاد آهن سي اسان کان گهڻا طاقتور آهن اها به سڀني کي خبر آهي ته انهن سان پنهنجي ليکي اڪيلي سر ڪوبه منهن نٿو ڏيئي سگهي. اها ڳالھه به هرڪو سمجهي ٿو پر هٺ،ذاتي مفادن ۽ وڏائي جي ڪري پاڻ ۾ گڏجي ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهيون جنهن جو نقصان پوري سنڌ کي ٿي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ صرف هڪ ئي دڳ نظر اچي ٿو سو آهي سڀني جو گڏجڻ،جيڪڏهن موجوده وقت ۾ جڏهن پاڻ چوڌاري وڪوڙجي ويا آهيون،ان هوندي به جيڪڏهن هر ڪو پنهنجي ديڳڙي الڳ رڌيندو ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته هڪ نه هڪ ڏينهن پاڻ سڀ به رڌجي وينداسين!!