عمران خان ايڏا يوٽرن ڇو پيو وٺي؟

0
138
ڇا واقعي ساهميءَ جا پلڙا برابر ناهن؟

سوال ايترا ذھن ۾ اٿندا آھن جو انهن جا جواب ڳولڻ ۾ ورھيه لڳي ويندا پر پوءِ به ڪو تسلي بخش جواب ملڻ جي اميد نظر نه ٿي اچي ڇو ته گذريل 75 سالن کان وٺي نسل در نسل انهن سوالن جا جواب ڪنهن کي به نه ملي سگهيا آھن پر پوءِ به هر باشعور جي ذھن ۾ اهي سوال اٿندا ضرور آھن. ڏينهون ڏينهن واقعا اهڙا ٿين ٿا جو انهن جا جواب تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي سو اهڙي ريت عمران خان به پنهنجي ممڪنه قتل جو الزام آصف علي زرداري مٿان مڙھي ڇڏيو آھي.

                 اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، وفاقي گهرو وزير رانا ثناءَالله ۽ خفيه ايجنسيون آخر عمران خان کي ڇو مارائڻ چاهيندا؟ محسن نقوي جو نگران وڏو وزير ٿيڻ ڪٿي ڪنهن ڳٺ جوڙ جو نياپو ته ناهي؟ آخر پنجاب ۾ ٽيون ڀيرو ڪو صحافي نگران وڏو وزير ڇو ٿئي پيو؟ ڇا واقعي قوم جي چاهت کي پرکڻ لاءِ  عمران خان کي هڪ دفعو گرفتار ٿيڻ گهرجي؟ هي اهي سوال آھن جن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪبي پر هڪ عام شھري هجڻ جي ناتي منهنجي روزمره واري زندگي ڏاڍي متاثر ٿي وئي آھي ان ڪري پهريان ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو متان صاحب ارباب منهنجي ڳالهھ ٻڌي وٺن. منهنجي نظر ۾ هن وقت ھڪ عام ماڻھو لاءِ پنجاب ڪي پي  جون چونڊون، فواد چوڌري جي گرفتاري ، بني گالا يا زمان پارڪ مان عمران خان جي حفاظت لاءِ موجود پوليس وارن جو هٽجڻ، چوڌري پرويز الاهي جو پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ تي افسوس جو اظھار ڪرڻ، مريم نواز جو وطن ورڻ ايڏا وڏا  اهم مسئلا ناهن اهو ان ڪري جو سندن ٻچا بکون ڪاٽن پيا ، کاڌ خوراڪ جي ڪمي ، بيمارن جون دوائون انگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو سر لڪائڻ لاءِ اجهو وڏا مسئلا آھن. هڪ پگهاردار يا ننڍو ڪاروبار ڪندڙ ماڻھو حقيقي طور تي ڏکئي وقت مان گذري رهيو آھي. تيل گيس بجلي جي وڌندڙ اگهن  ماڻھن کي صفا منجهائي ڇڏيو آھي. ڪاروباري ماڻھو پنهنجي ڪاروبار لاءِ پريشان آھن ڊالر جي اڏام کي اسحاق ڊار جهڙو شاطر شڪاري به ڪنٽرول نه ڪري سگهيو آھي. ملڪ ۾ عجيب غريب غير يقيني واري صورتحال ٿي وئي آھي. مان پريشان آھيان ته جيڪڏهن مون جهڙي محدود آمدني واري ڪنهن سفيد پوش انسان جي گهر ۾ اوچتو ڪجھه ٿي وڃي ته منهنجو ڇا ٿيندو؟

 هر گذرندڙ ڏينهن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪا سٺي خبر نه ٿو ڇڏي وڃي. جتي مهانگائي غربت انسان جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن اتي سياسي ڇڪتاڻ ۽ تهمت بازي به قوم کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي. سياسي ڊرامي جا ڪردار عوام آڏو اهڙي ته اداڪاري ڪن پيا جو مون جهڙا اٻوجھه انهن جي اداڪاري کي حقيقت سمجهي نظرياتي اختلافن بدران پنهنجي مخالفن لاءِ دل ۾ بغض ۽ ڪينو رکي ويهي ٿو.

پاڪستان ۾ نئين صدي جي شروعات سان جديد ٽيڪنالاجي پنهنجا ديرا ڄمائڻ شروع ڪيا خاص طور تي پرويز مشرف جي دور ۾ موبائل فون ۽ نجي ٽي وي چينلز جي اچڻ سان ڄاڻ جو هڪ نئون انقلاب اٿي کڙو ٿيو. 2010ع تائين هر ڪنهن جهر جهنگ ۾ ويهي به سيٽلائيٽ مان فائده وٺڻ شروع ڪيا. ان دوران ملڪ جي سياسي ميدان ۾ عمران خان جي زندگي جي نئين اننگز شروع ڪرائي وئي. 2013ع کان پوءِ کيس هيرو ڪري پيش ڪيو ويو. نجم سيٺي جو نشانو وٺي تڏهوڪي وزيراعظم نواز شريف کي نشانو بڻايو ويو. ٽي وي چينلز ۽ انٽرنيٽ خاص طور تي سوشل ميڊيا کي نواز ليگ ۽ پ پ پ خلاف مضبوط مورچي طور استعمال ڪيو ويو. تمام چينلز تي اڇي ڪاري ناڻي جو اهڙو ته مينهن وسايو ويو جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تحريڪ انصاف کان سواءِ ٻي ڪا شيءَ اسڪرين تي نظر نه ايندي هئي. خان صاحب کي ملڪ جو اهڙو ته مسيحا ڪري پيش ڪيو ويو جو قوم کيس ڪرپٽ ۽ چور نظام کان نجات ڏياريندڙ سمجهڻ لڳي پر بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي کان پوءِ قوم(عام ماڻھن) کي به سڄي خبر پئجي وئي ته اصل پردي پويان ڪهڙا لڪل هٿ هئا جن کيس آسمان تي پئي گهمايو.

حڪومت وڃڻ کان وٺي اڄ تائين خان صاحب پنهنجي ڪنهن به هڪ موقف تي نه بيٺو جو جنهن تي اعتبار ڪجي. Absolutly Not کان وٺي محسن نقوي تائين هر ڪنهن کي پنهنجي حڪومت جي خاتمي جو ڪارڻ سمجهڻ واري خان صاحب هاڻي وري پنهنجي قتل جو الزام آصف علي زرداري تي مڙھي ڇڏيو آھي. ان کان اڳ خان صاحب اعلان ڪيو هو ته هن هڪ ويڊيو بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيو آھي جنهن ۾ چئن ماڻھن جا نالا ٻڌايا ويا آھن جيڪي کيس قتل ڪرڻ چاهن ٿا. ان ويڊيو بيان ۾ آصف علي زرداري جو نالو شامل نه هو پر اوچتو هاڻي خان صاحب کي سڌ پئي آھي ته آصف علي زرداري ڪنهن دھشتگرد تنظيم سان رابطو ڪري سندس “سپاري” ڏيئي ڇڏي آھي.

ڏسڻو اهو آھي ته آصف علي زرداري خان صاحب جي “سپاري”ڇو ڏيندو؟ (مان پ پ پ جو ترجمان به ناهيان ۽ نه ئي منهنجو پ پ پ سان ڪو سياسي لاڳاپو آھي ۽ نه وري ڪو مان خان صاحب سان ڪو حسد يا ساڙ رکان ٿو. باقي اختلاف راءِ رکڻ منهنجو حق آھي). عمران خان جي مارائڻ سان آصف زرداري کي ڪهڙو فائدو رسندو؟ مان سمجهان ٿو سياسي طور تي سنڌ ۾ پ پ پ جو هن وقت تائين ڪو نعم البدل موجود ناهي. تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي سياسي طور تي نقصان ڏنو هو باقي پ پ پ خلاف مضبوط سردار ۽ راڄوڻا اتحاد جوڙي به ڪو نقصان نه رسائي سگهي. پنجاب ۾ تحريڪ انصاف نواز ليگ لاءِ مٿي جو سور بڻيل آھي اهڙي صورت ۾ آصف زرداري عمران خان کي مارائي ڇا هڙ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ جيئن ته سنڌ ۾ ھڪ مخصوص ٽولو آصف علي زرداري کي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ محترمه بي نظير ڀٽو جي شھادت جو ذميوار سمجهي ٿو انڪري شايد عمران خان انهن ماڻھن جون همدرديون  وٺڻ يا وري پنهنجي لاءِ  نئين همدردي جو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪري. رانا ثناءُالله مٿان اڳ به سندس قتل ڪرڻ واري منصوبي جو الزام لڳل آھي. خان صاحب هاڻي سمجهي ويو آھي ته اسيمبلين کان نڪرڻ سندس تمام وڏي سياسي غلطي هئي پهريان ته حڪومت ڪن لاٽار ڪري پئي حڪومت سمجهي پئي ته خان صاحب صوبائي اسيمبلين مان نه نڪرندو پر خان پنهنجي هوڏ تي اچي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون حڪومت به سندس مقابلي لاءِ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پئي آھي. خان صاحب کي گهڻي ڀاڱي پنهنجي ۽ پنهنجي ويجهن دوستن جي گرفتاري جو يقين ٿي ويو آھي. خان صاحب سمجهي پيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ شڪست سندس مقدر ۾ لکي وئي آھي انڪري هاڻي سان ئي هڪ نئون بيانيو وٺي ميدان ۾ لهڻ چاهي پيو ان ڪري پنهنجي قتل جو نئون راز ظاهر ڪيو جنهن جو حقيقت سان تعلق هجي يا نه پر خان جي بيانيي سان تعلق ضرور آھي.

  پنجاب جي وڏ وزارت صحافين جي حصي ۾ ان ڪري اچي ٿي ته سندن لاڳاپا ننڍن توڙي “وڏن” سان سٺي نموني ٺھيل آھن. محسن نقوي جي مقرري خلاف ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪايو ويو آھي ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي ؟

 سياستدان توڙي صاحب قوت  عام غريب لاءِ ڪڏهن سوچيندا.؟ اهي سڀ طاقتور جڏهن به قرباني جي ڳالھه ڪندا ته ان چڪي ۾ به عوام کي پيهندا باقي پنهنجن کي هٿ نه لائيندا پاڻ شاهه خرچين تي ڪنٽرول نه ڪندا باقي عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪندا.

[email protected]