اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ اسد عمر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي جاري ڪيل آڊيو کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جي جاچ عدليا ڪري. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي رليز ڪيل هن آڊيو ۽ اصل آڊيو ۾ فرق آهي، عدليا ان جي تحقيقات ڪرائي، عمران جي آڊيو ۾ رڳو ملڪ جي بهتري ئي ملندي.