عليزي شاهه پاران چرس ڇِڪڻ جو انڪشاف

0
299
عليزي شاهه پاران

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا عليزي شاهه پنهنجي مختلف ڪمن جي ڪري سدائين تنقيد جي ور چڙهندي رهندي آهي.هوءَ ڪڏهن پنهنجي لباس ته ڪڏهن وري سينيئر اداڪارائن سان جهيڙي جي ڪري تنقيد کي منهن ڏيندي آهي، هاڻ وري عليزي جي هڪ ويڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ کيس سگريٽ ڇڪيندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن تي مداحن طرفان مختلف تبصرا ڪيا ويا آهن.ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا پنهنجي دوستن سان گڏ گاڏي ۾ ويٺي آهي ۽ سگريٽ ڇِڪي رهي آهي

اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن اداڪارا تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جا تير وسائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.ڪجهه واهپيدارن عليزي جي تربيت تي سوال اٿاريا ۽ ڪنهن کيس مستقبل جي مٿيرا قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن دليل ڏيندي چيو ته هوءَ سادو نه پر چرس وارو سگريٽ پي رهي آهي، ڇو ته عام سگريٽ جو دونهون ايڏو ناهي ٿيندو.