عزير بلوچ ۽ ٻين هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ پوليس جي ناڪامي، آفيسرن کي سزا

0
267
عزير بلوچ ۽ ٻين هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ پوليس جي ناڪامي، آفيسرن کي سزا
عزير بلوچ ۽ ٻين هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ پوليس جي ناڪامي، آفيسرن کي سزا

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن گينگسٽر عزير بلوچ، رئيس ماما سميت هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ پوليس عملدارن کي غفلت ۽ لاپرواهي جو ڏوهه ثابت  ٿيڻ تي مختلف سزائون ڏنيون آهن

هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ پوليس عملدار شاهد پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، عدالت 10 پوليس عملدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، پوليس آفيسرن جون پگهارون به بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڏنو ويو آهي

شاهد پيش نه ٿيڻ تي پوليس عملدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، عدالت چيو آهي ته ڪيسن ۾ پوليس آفيسر به شاهدي ڏيڻ لاءِ پيش نه ٿي رهيا آهن، شاهدن ۾ 6 انسپيڪٽر، 4 سب انسپيڪٽر شامل آهن

شاهدن جي لاڳيتو غير حاضري سبب 8 کان وڌيڪ ڪيس التوا ۾ هيٺ آهن، التوا ۾ آيل ڪيسن ۾ گينگسٽر عزير بلوچ، رئيس ماما، منهاج قاضي ۽ ٻين هاءِ پروفائيل جوابدارن جا ڪيس شامل آهن

ڪيس ڪالاڪوٽ، بغدادي، چاڪيواڙه، ڪلري، زمان ٽائون ۽ ٻين ٿاڻن ۾ داخل آهن