ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ايس پي سربراه ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي  ته ڪراچي کي ٿر  بڻائيندڙ آصف زرداري ٻڌائي ته هن سنڌ ۾ ڪهڙيون کير جون نديون وهايون آهن جو هاڻي اسلام آباد فتح ڪرڻ ويو آهي؟ ڪالهه پاڪستان هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تحريڪ  عدم اعتماد ڪجهه سو ماڻهن جي اقتدار ۽ مفادن جي جنگ آهي، انهي سان عوام کي ڪجهه نه ملندو، اقتدار جي حاصلات ۽ پنهنجي بچاءُ ۾ سڀئي سياسي دشمن روزانو ملاقاتون پيا ڪن، پاڪستان جو مسئلو اقتدار سان نه پر اختيارن سان حل ٿيندو،