عدالت 11 مختيارڪارن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن اڏائي ڇڏيو

0
214
عدالت 11 مختيارڪارن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن اڏائي ڇڏيو
عدالت 11 مختيارڪارن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن اڏائي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ معطل ٿيل 11مختيارڪارن کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي، معطلي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو آهي

عدالت چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن، سيڪريٽري بورڊ آف روينيو ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڌرين کان 27 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪيو ويو آهي

معطل ڪيل مختيارڪارن پنهنجي معطلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو

ذريعن موجب 11 ئي مختيارڪارن کي روينيو کاتي اندر سياسي آشيرواد رکندڙ سسٽم تحت ڪم ڪرڻ جي الزام هيٺ معطل ڪيو ويو هو

ذريعن موجب معطل ڪيل مختيارڪارن خلاف کاتن ۾ ڦيرڦار، زمينن تي قبضن ۽ ڪرپشن جي الزامن جي جاچ هلي رهي آهي

هن کي به پڙهندا

آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

دهشتگردي ٽوڙ عدالت حليم عادل شيخ جي آزاد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

چوڌري پرويز الاهي ٿري ايم پي او تحت پنهنجي گرفتاريءَ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو