عدالت مڪيش ڪمار چاولا کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم: نيب کان تفصيل طلب

0
218

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وزير مڪيش ڪمار چاولا نيب هٿان گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي

مڪيشن ڪمار جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت نيب کي مڪيش ڪمار کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

عدالت اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار جي 12 سيپٽمبر تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

عدالت مڪيش ڪمار چاولا کي نيب جي انڪوائري ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ کي ھدايت ڪري ڇڏي، مڪيش ڪمار جي وڪيل چيو ته نيب 26 آگسٽ تي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار جي گھر تي ڇاپو ھنيو آھي

جسٽس ڪي ڪي آغا پڇاڻو ڪيو ته مڪيش ڪمار جو نالو ڪھڙي انڪوائري ۾ شامل آھي؟ وڪيل منير اي ملڪ چيو ته في الحال نيب مڪيش ڪمار چاولا کي نوٽيس جاري ناھي ڪيو آهي

وڪيل چيو ته ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ پرائيويٽ سيڪريٽريء کي نوٽيسز جاري ڪري ان ۾ مڪيش ڪمار جو نالو شامل ڪيو ويو آھي، خدشو آھي مڪيش ڪمار چاولا کي گرفتار ڪيو ويندو

عدالت نيب اختيارين کي مڪيش ڪمار چاولا خلاف ھلندڙ انڪوائري جا تفصيل ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

واضح رهي ته نيب ايڪسائيز کاتي جي اڳوڻي وزير مڪيش ڪمار چاولا، سندس والد، امڙ، ڌيءُ، ڀائرن ۽ ڀينرن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻھن کي نوٽيسز جاري ڪيا هئا

مڪيش ڪمار چاولا نيب انڪوائري واري معاملي تي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

مڪيش ڪمار جي وڪيل حيدر علي موجب اسان کي ميڊيا ذريعي ڪال اپ نوٽيس جي خبر پئي، گھرن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن، ميڊيا ذريعي مليل نوٽيس ۾ اسان جو نالو ضرور آھي پر اسان کي موڪليو ناھي ويو

مڪيش جي وڪيل ٻڌايو ته انڪوائريز ۾ گرفتار تڏھن ڪري سگھجي ٿو جڏھن توھان ڪال اپ نوٽيس موڪليو ھجي ۽ اسان سهڪار نه ڪيو ھجي، گھرن تي ڇاپا ھڻڻ حراسان ڪرڻ آھي، جيڪڏھن ڪال اپ نوٽيس ايندو ته اسان سهڪار ڪنداسين

هن کي به پڙهندا

نيب اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي اربين روپين جي ڪرپشن خلاف جاچ تيز ڪري ڇڏي