نيب اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي اربين روپين جي ڪرپشن خلاف جاچ تيز ڪري ڇڏي

0
398

نيب اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي اربين روپين جي ڪرپشن خلاف جاچ تيز ڪري ڇڏي، مڪيش ڪمار چاولا جي هڪ وڌيڪ فرنٽ مين حسن علي شريف ۽ اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڪسائيز وحيد شيخ کان آڏي پڇا، ٻنهي کي 29 آگسٽ تائين ملڪيتن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم، نيب جي جاچ دوران مڪيش ڪمار چاولا جي فرنٽ مين علي مگسي سميت 2 ڄڻا گرفتار ٿي چڪا آهن، نيب اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي پيءُ ماءُ سميت 15 گهر ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل به گهرائي ورتا، مڪيش ڪمار چاولا جي ڀيڻيوي جيرام تلريجا ۽ سندس 5 گهر ڀاتين جي ملڪيتن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو به حڪم، نيب جو چوڻ آهي ته مڪيش ڪمار چاولا ۽ سندس فرنٽ مين بڻيل ماڻهن ايڪسائيز ۽ خوراڪ کاتي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي