عدالت جي صبر ۽ برداشت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: چيف جسٽس

0
282
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڏينهن چونڊون ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ۾ چيو آهي ته عدالت جي صبر ۽ برداشت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، قانون تي عملدرآمد لاءِ قربانيون ڏيڻ کان به نه لنوائينداسين

چيف جسٽس عمر عطا بنديا چيو ته 14 مئي جو فيصلو کڻي ويٺا نه هونداسين، عدالت کي پنهنجي فيصلي تي آئين موجب عمل ڪرائڻو آهي، فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ آئين استعمال ڪري سگهون ٿا

چيف جسٽس چيو ته عدالت رڳو پنهنجو فرض پورو ڪرڻ چاهي ٿي، ڪاوڙ ۾فيصلا درست نه ٿيندا آهن ان ڪري اسان ڪاوڙ نه ٿا ڪيون، اسان جي ۽ اسيمبلي ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جو جائزو وٺو، جيڪا هتي ڳالهه ٿي رهي آهي ان جي ليول ڏسو

عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته حڪومت جي سنجيدگي جي حالت اها آهي ته اڃا تائين نظرثاني اپيل داخل نه ڪرائي وئي آهي، حڪومت قانون جي ڳالهه نه پر سياست ڪرڻ چاهي ٿي، اڳ به چيو هو ته سياست عدالتي ڪارروائي ۾ گهڙي وئي آهي

چيف جسٽس چيو ته اسان سياست جو جواب نه ڏينداسين، اسان الله جي آڏو آئين جي دفاع جو حلف کنيو آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي سنجيده ٿيڻو پوندو، معاملو سياسي جماعتن تي ڇڏي ڏيون ته ڇا قانون تي عمل نه ڪرايون؟ قوم جي جوانن قربانيون ڏنيون آهن ته اسان به قربانيون ڏينداسين

هي به پڙهندا

سينيٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ آرڊرز تي نظرثاني جو بل منظور ڪري ورتو