عدالت جو شهباز ۽ حمزا خلاف جاچ مڪمل نه ڪرڻ تي ايف آءِ اي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

0
216
عدالت جو شهباز ۽ حمزا خلاف جاچ
عدالت جو شهباز ۽ حمزا خلاف جاچ مڪمل نه ڪرڻ تي ايف آءِ اي مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

لاهور جي مقامي عدالت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ مڪمل نه ڪرڻ تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آھي

لاهور جي بينڪنگ ڪرائم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهباز شريف ۽ حمزا شهباز پيش ٿيا ۽ حاضري مڪمل ڪرائي

عدالت ناقص جاچ تي ايف آءِ اي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڇو نه سموري جاچ ٽيم کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي، ايف آءِ اي ڊائريڪٽر عدالت ۾ بيان ڏنو هو ته ايترو رڪارڊ آھي جو ٽرڪ ڀري سگهجي ٿو

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته 16 مهينا ٿي ويا آهن، ايف آءِ اي اڃا تائين جاچ مڪمل ناهي ڪئي، ڇا ان اداري جو ڪو وارث آهي يا نه؟

ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته عدالت کي مخصوص ڪيس ٻڌڻ جو اختيار آهي.

ان تي عدالت چيو ته جيڪڏهن بينڪن جي حد تائين جاچ مڪمل ٿئي ها ته دائره اختيار جو مسئلو حل ٿي وڃي ها، 24 بينڪن جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين عدالتي اختيار بابت فيصلو نٿو ڪري سگهجي.

عدالت ايف آءِ اي کي سمورن ڪيسن ۾ 10 ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 14 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

 عدالت ڌرين جي وڪيلن کي عدالت جي دائري اختيار تي بحث مڪمل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ شهباز شريف چيو ته ڪنهن کي خبر ناهي ته سندس خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي.