عالمي سياست واهڻ وستي ۾ عام ڪندڙ مدبر

0
19
عالمي سياست واهڻ وستي ۾ عام ڪندڙ مدبر

ڪچهري، گفتگو، مجلس ۽ محفل جا موضوع ڪهڙا هئڻ گهرجن؟ ڪچهري جو محور ۽ مرڪز ڳوٺ وارن جون ڳالهيون هجن، راڄ جون رواجي ۽ روز مرهه واريون گٺل پيٺل ڳالهيون هجن، مٽن مائٽن جا مهڻا، ميارون، تعريفون يا گلائون هجن. دوستن جي دوکن، وفائن ۽ جفائن يا يارن جي ياري جا چرچا هجن، رڳو گلا غيبت هجي، ڏک ۽ سور جا داستان هجن، پريشاني ۽ مايوسي جا مها داستان هجن، بدقسمتي سان اهڙيون ۽ ان کان انيڪ ڳالهيون اسان جي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ اڳ به ٿينديون رهيون آهن ۽ هاڻي به ٿي رهيون آهن ۽ شايد اڳتي به ٿين. پر اهڙين ڪچهرين ۽ محفلن جي موضوعن ۾ ڪات ڪهاڙا وجهي، انهن جي آدابن جا بخيا اڊڙي ڇڏڻ، انهن جي سمت کي سنواري وقت جي ضرورت ۽ حالتن مطابق سنئين دڳ تي لائڻ، دنيا جي سياست ۾ ڇا پيو ٿئي؟ آمريڪا بهادر ڪيترو ڪمزور ٿيو آهي؟ ڪيترو طاقتور آهي؟ آمريڪي سامراج جا اتحادي ڪمزور پيا ٿين يا طاقتور؟ آمريڪا ڪهڙن سخت اندورني مسئلن ۾ ڦاٿو پيو آهي؟ آمريڪي عوام پنهنجي حڪمرانن مان خوش آهي يا نه؟ يورپ ۾ ڇا پيو ٿئي؟ يورپي ملڪن وچ ۾ ڪهڙا سخت اختلافي معاملا آهن؟ يورپ جي طاقت ۽ ڪمزوري ڪهڙي ڳالهه ۾ آهي؟ يورپ جو عروج اختتام پذير ٿيڻ وارو آهي يا اڃا اڳتي هلندو؟ يورپ ۾ عوام دشمن قوتون ڪيترو ڪمزور ٿي چڪيون آهن؟ ڏکڻ ايشيا جو عوام ڪهڙين ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي؟ ڏکڻ ايشيا جي عوام ۾ ڪهڙيون زبردست ۽ عوام دوست خوبيون آهن؟ آفريقا جو عوام ڪهڙي قسم جي اذيت مان گذري رهيو آهي؟ آفريقا جو عوام ڪهڙين قوتن سان ٽڪر ۾ آهي؟ اسلامي ملڪ جا نام نهاد ملان ۽ حڪمران ڪهڙين عوام دشمن قوتن جا اتحادي ۽ ڳيجهو آهن؟ اسلامي ملڪن ۾ ڪهڙي قسم جي اٿل پٿل آهي؟ مسلمان سماجن ۾ ڪهڙي قسم جون علمي ۽ فڪري تحريڪون اُسري ۽ نسري رهيون آهن؟ اسلامي بلاڪ نالي ڪا شئيءِ آهي يا سڀ اسلامي ملڪ آمريڪا بهادر جي بيٺڪيت بڻيل آهن؟ اسلامي ملڪن جا ڪهڙا ڪهڙا حڪمران هڪ حد تائين عوام جا حقيقي نمائندا هئا ۽ آهن؟ وچ اوڀر ۽ خاص طور تي ان جو سردار عرب ملڪ دنيا ۾ عوام دشمن قوتن جو ساٿاري آهي يا عوام دوست ڌرين جو؟ فلسطين ۾ مظلوم فلسطيني ماريا پيا وڃن، ان تي مسلمان ملڪ رڳو مذمت پيا ڪن ۽ مزاحمت ڇو نٿا ڪن؟ اسرائيل جهڙو عذاب ڪنهن جي لاءِ ۽ ڇو پيدا ڪيو ويو آهي؟ دنيا ۾ اقوام متحده جهڙو جڙيل ادارو اصل ۾ ڪنهن جي اشاري تي تڳي ۽ هلي پيو؟ اصل ۾ اقوام متحده جيڪي ڪم پيو ڪري اهي سڀئي پروگرام هن جا پنهنجا آهن يا ان ۾ عالمي سامراج جا سڌا سنوان مفاد محفوظ آهن؟ عالمي بئنڪ ۽ آءِ آيم ايف ڪهڙي طرح سامراجي مفادن وٽان ٺهيا ۽ ان لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن؟ سرد جنگ ۾ سويت يونين کي سوڙهو ۽ ختم ڪرڻ لاءِ سڀني سامراجين ڪيئن ۽ ڪهڙا گهات گهيڙيا هئا؟ 1917ع جي انقلاب کان اڳ روس ۾ عوام ڪهڙن عذابن واري زندگي گهاري رهيو هو ۽ بالشويڪ انقلاب کانپوءِ ان ۾ ڪهڙيون بنيادي ۽ انقلابي تبديليون آيون؟ اسٽالن ڪهڙين ڳالهين ۽ عملن جي ڪري ايتري عظمت حاصل ڪئي؟ ٽراٽسڪي ڪهڙي طرح دشمن قوتن جو ايجنٽ بڻجي روسي انقلاب تي اعتراض ۽ ان جي خلاف ٿي بيٺو؟

ان سڄي عالمي اٿل پٿل ۽ هيٺائين مٿاهين ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان ڪهڙي طرح عالمي سامراج جو ساڄو هٿ بڻجڻ جي خوشي ۾ پوري دنيا ۾ خوار ۽ خراب ٿيو؟ پاڪستان جي ڦورو حڪمران طبقي ۽ هر وقت وکر جيان وڪري لاءِ موجود رياست جا ڪرتا ڌرتا پنهنجي ذات جي فائدي ۽ ڌن خاطر ڪهڙي قسم جا دڪان ۽ ڌنڌو کوليو ويٺا هئا ۽ آهن؟ ان سڄي منڍ ۾ سنڌ ڌرتي ۽ ان جي عوام جو ڪيئن سودو ڪيو ٿو وڃي؟ پاڪستان جي پورهيتن جي پگهر جو اجورو انهن کي ملڻ جي بجاءِ بورجوا طبقي کي ڪيئن پهچايو ٿو وڃي؟ اهڙين حالتن ۾ دنيا اندر امن پسند، جمهوريت پسند، انقلاب پسند ۽ عوام دوست اربين عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پاڪستان جي پورهيت طبقي کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سنڌ جي صدين کان ستايل مسڪين ماروئڙن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڪهڙين قوتن ۽ طبقن کي دوست ۽ دشمن سمجهڻ گهرجي؟ ان لاءِ ڪهڙي قسم جي حقيقي عوامي جدوجهد جائز ۽ جٽادار ٿي سگهي ٿي؟ ان لاءِ مظلوم عوام کي ڪنهن سان اتحاد ڪرڻ گهرجي؟ ۽ پاڻ ۾ ڪهڙي قسم جي ٻڌي ايڪي جي ضرورت آهي؟ سنڌ ۾ رسول بخش پليجي ان عالمي سياسي، اقتصادي، پورهيت دوست، عوام دوست فڪري ۽ علمي تحريڪ جون نج نيون نرسريون کولڻ شروع ڪيون. ڏينهن رات، سرديون گرميون، قيد و بند، بيماري سماري، بک ڏک، ماني ملي نه ملي، ننڍ پوري ٿي يا نه، ٿڪ پورا لٿا يا نه، بيماري مان پوري طرح جان ڇٽي يا نه، پوري طرح اک لڳي يا نه، سخت ڪاڙهو هجي يا کڻي سياري جو سخت سيءُ، مالي تنگي هجي يا ڪرايو کٽو پيو هجي، گاڏي ۾ هجي يا کڻي ڪنهن ريل ۾، گهر ۾ هجي يا کڻي ڪنهن ڇپر نما ڇني ۾، سفر ۾ هجي يا کڻي ساهه کڻڻ لاءِ رستي ۾ رڪيو هجي. ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين، ڪيٽي بندر کان ويندي ڪارونجهر  جي جبلن تائين. شهرن کان ڳوٺن تائين، ڏور ٻهراڙين تائين، جهر جهنگ هجي، جتي پهچي سگهجي اتي پهچي پنهنجي پورهيتن سان پچار ڪبي، غمي هجي يا کڻي خوشي، وقت کي ضايع نه ڪبو، هڪ گهڙي به خاموش ٿي ويهڻ نه وڻيو، ان جو نالو هو رسول بخش پليجو.

بيشڪ رسول بخش پليجي کان اڳ به ڪن عوام دوست ۽ انسان دوست انقلابي انسانن پنهنجي وت ۽ وس آهر مٿي ذڪر ڪيل موضوعن متعلق ضرور محفلون مچايون هونديون ۽ اهڙيون ڪارائتيون ڪچهريون ڪيون هونديون، سنڌي عوام جا سينا عوام دوست فڪر سان نئين سر سبڻ جون جرئتون ۽ همتون ڪيون هونديون. تن کي به سوين سلام. پر ان ڏس ۾ رسول بخش پليجي سنڌ جي سر زمين کي جنهن جوش جذبي، جرئت، همت، حوصلي ۽ روح جي اٿاهه گهرائين سان ريج ڏنا، تن جو اڳ اهڙو مثال نٿو ملي. هُو ڪڏهن به ٿڪو نه، مايوس نه ٿيو، ڪڏهن به پورهيو ضايع ٿيڻ جو ذڪر نه ڪيو، محنت اجائي وئي جهڙي اُف نه ڪڍيائين، سڀڪجهه ختم ٿي ويو چئي “ختمو” ڪڍڻ نه سکيو هو، هڙ وئي چئي هوڪا ڏيڻ هن جو وڙ ئي نه هو. دونهي نه دکڻ جهڙن دليلن سان ڪڏهن به سهمت نه ٿيو، هٿيار ڦٽا ڪرڻ کي خودڪشي سمجهندو هو، روئڻ ۽ پٽڻ هن لاءِ ڪنهن پاراتي کان گهٽ نه هو. هن کي پڪو ويساهه هو ۽ ان کان به وڌيڪ هن کي لکين دفعا ان ڳالهه تي پڪو يقين هو ته سنڌ ۽ سنڌي عوام هڪ ڏينهن ضرور عالمي سياست، سفارتڪاري، اقتصاديات، جنگي علم، جاسوسي، امن ۽ انقلاب لاءِ اٿي کڙو ٿيندو ۽ دنيا ان کي پنهنجي اکين سان ڏسندي، تنهن ڪري اسان کي هر حالت ۽ صورت ۾ پنهنجي ڌرتي ۾ اهڙو ٻڄ ڇٽڻ ۽ ان کي روح سان ريج ڏيڻ جو ڪم بغير ڪنهن ڪوتاهي ڪرڻ جي جاري و ساري رکڻ گهرجي ۽ رسول بخش پليجي صاحب سڄي حياتي اهو ڪم ڪمال درجي جي حد تائين سرانجام ڏئي ثابت ڪري ڏيکاريو!