عالمي ثالثي عدالت ۽ پاڻيءَ جا مسئلا

0
145
عالمي ثالثي عدالت ۽ پاڻيءَ جا مسئلا

 7 جولاءِ 2023ع تي ملڪي اخبارن ۾ ڇپيل هڪ خبر مطابق هيگ عالمي عدالت هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪشن گنگا ۽ رٽل بجلي گهر منصوبن تي هلندڙ تڪرار جو نبيرو سنڌ طاس معاهدي هيٺ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي درخواست منظور ڪندي، هندستان طرفان اٿاريل اعتراض رد ڪري ڇڏيا. هيگ عالمي عدالت دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار نبيرڻ لاءِ 1899ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. عالمي عدالت جو فيصلو ٻنهي ڌرين کي بنا ڪنهن رک رکاءُ جي قبول ڪرڻو پوندو آهي ۽ ان جي فيصلي خلاف ڪٿي به درخواست نٿي ڏئي سگهجي. اچو ته انهيءَ تڪرار جو پس منظر ۽ پيش رفت جو جائزو وٺون.

پس منظر:

                 هندستان ۽ پاڪستان ۾ 1947ع ۾ پاڻي مسئلي تي پيدا ٿيل تڪرار جو حل 1960ع ۾ سنڌ طاس معاهدي تحت ڪيو ويو. انهيءَ معاهدي هيٺ ٽي درياهه راوي، ستلج ۽ بياس هندستان کي ڏنا ويا، جڏهن ته سنڌو، جهلم ۽ چناب درياهه پاڪستان کي ڏنا ويا. سنڌ طاس معاهدي جي شق III ۾ هندستان کي اولهندي دريائن جي پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي رضامندي سان ۽ مخصوص شرطن تي آبي بجلي ٺاهڻ سميت ڪجهه حق ڏنا ويا آهن. هندستان انهيءَ شق جو استعمال ڪندي جهلم درياهه تي 330 ميگا واٽ جو ڪشن گنگا منصوبو ۽ چناب درياهه تي 850 ميگا واٽ جو رٽل (Ratal) آبي بجلي گهر جو منصوبو جوڙيو. پاڪستان طرفان انهن منصوبن تي اعتراض ڪيو ويو. ٺاهه مطابق جيڪڏهن ڪو به مسئلو پيدا ٿئي ٿو ته اهو سڀ کان پهرين انڊس ڪميشن کي موڪليو ويندو، اتي فيصلو نه ٿيڻ جي صورت ۾ مسئلي جي حل لاءِ ٻه طريقا طئي ٿيل آهن. اختلاف جي صورت ۾ غير جانبدار ماهر کي موڪليو ويندو ۽ تڪرار جي صورت ۾ معاملو عالمي ثالثي عدالت کي موڪليو ويندو. ثالثي عدالت جي منظوري عالمي بينڪ ڏيندي آهي. مٿي ذڪر ڪيل ٻئي مسئلا تنازعي جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن، انهيءَ ڪري هيگ عالمي ثالثي عدالت وٽ هلي رهيا آهن. اچو ته انهن ٻنهي تنازعن جو الڳ الڳ جائزو وٺون.

ڪشن گنگا منصوبو:

هندستاني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشن گنگا ندي تي هندستان طرفان 330 ميگا واٽ بجلي گهر، ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. اهو منصوبو جهلم ندي جي هڪ پرتو ندي ڪشن گنگا تي واقع آهي. ڪشن گنگا ندي جڏهن پاڪستان جي اثر هيٺ ڪشمير ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان کي نيلم درياهه سڏيو وڃي ٿو. 2004ع ۾ پاڪستان طرفان ان منصوبي تي اعتراض ڪرڻ ڪري هندستان طرفان ان منصوبي جي ڊزائين ۾ تبديلي ڪئي وئي. پاڪستان ترميم ٿيل ڊزائن کان مطمئن نه ٿيو ۽ آخرڪار هندستان کي اپريل 2010 ۾ اهو معاملو ثالثي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جو لکيو. جولاءِ 2010 ۾ ٻنهي ملڪن طرفان سنڌ طاس معاهدي جي شق 1X هيٺ اهو معاملو حل ڪرڻ لاءِ اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽري کي اماڻيو ويو، جنهن اهو معاملو ثالثي عدالت کي ڏياري موڪليو. ثالثي عدالت 2013 ۾ هندستان جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر هندستان کي اها پڻ هدايت ڪئي ته هو ڊيمن جي ڊزائن ۾ ڪجهه ترميمون ڪري. فيصلي کانپوءِ هندستان ڪم شروع ڪيو ۽ 2018 ۾ منصوبو مڪمل ڪري ڇڏيو. پاڪستان اهو الزام هنيو ته هندستان، 2013 جي فيصلي مطابق ڊزائن ۾ تبديليون نه ڪيون آهن.

رٽل ڊيم:

هندستان چناب ندي تي 850 ميگا واٽ جو رٽل پاڻي بجلي گهر منصوبي (Ratal Hydro Power Project)  جو اعلان ڪيو. پاڪستان  رٽل منصوبي جي ڊزائن تي اعتراض ڪيو. پاڪستان جي نقطهء نگاه کان رٽل منصوبي مڪمل ٿيڻ سان، چناب ندي جي وهڪرن ۾ چاليهه سيڪڙو گهٽتائي اچي ويندي، جيڪا سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي آهي. اهو معاملو پهرين انڊس ڪميشن کي موڪليو ويو. 2015 ۾ پاڪستان اهو معاملو غيرجانبدار ماهرن جي ذريعي حل ڪرڻ جي درخواست ڏني. 2016 ۾ اها درخواست واپس وٺي 22 آگسٽ 2016 تي پاڪستان اهو معاملو ثالثي عدالت جي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ عالمي بينڪ کي لکيو. ٻي طرف هندستان آڪٽوبر 2016 تي اهو معاملو غيرجانبدار ماهرن ذريعي حل ڪرڻ جي تجويز ڏني. عالمي بينڪ ٻنهي ملڪن طرفان مسئلي جي حل لاءِ اختيار ڪيل 2 الڳ طريقه ڪارن تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. 2022 ۾ عالمي بينڪ اها بندش هٽائي تنازعي جي حل لاءِ ٻئي طريقا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني.

پاڪستان طرفان عالمي ثالثي عدالت ۾ آندل تنازعي تي تازو عدالت طرفان ڏنل فيصلي مطابق هندستان جو غيرجانبدار ماهر وٽ وڃڻ جو فيصلو رد ڪندي، معاملو پاڻ حل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اصولي طرح اهو معاملو هاڻي عالمي ثالثي عدالت وٽ آهي ۽ ان جو فيصلو ٻنهي ڌرين لاءِ قابل قبول هوندو. ڏسجي ته هندستان عالمي ثالثي عدالت جي ڪارروائي ۾ حصو وٺي ٿو يا نه. اٽارني جنرل آف پاڪستان جي آفيس جي حوالي سان آيل اخباري خبرن مطابق پاڪستان کي ڪشن گنگا بجلي گهر ۽ رٽل بجلي گهر ٻنهي تي اعتراض آهي. ڪشن گنگا بجلي گهر 2018 کان بجلي ٺاهڻ شروع ڪئي. هاڻي ڏسجي ته عالمي ثالثي عدالت انهيءَ تي ڪهڙو فيصلو ڏئي ٿي.

پاڪستان سرڪار طرفان اولهندي دريائن تي هندستان طرفان ٺهندڙ بجلي گهرن تي اٿاريل وڏو اعتراض اهو آهي ته انهيءَ سان دريائي وهڪرن ۾ گهٽتائي ايندي، جيڪا 1960 جي سنڌ طاس معاهدي جي روح جي خلاف ورزي آهي. پاڪستان کي اهو به خدشو آهي ته هندستان انهن ڊيمن ذريعي گڏ ٿيندڙ پاڻي کي پاڪستان خلاف هٿيار طور استعمال ڪري سگهي ٿو. جيئن پاڪستان جي ضرورت وقت پاڻي روڪڻ ۽ ضرورت واري وقت کان پوءِ هيڪاندو پاڻي روانو ڪرڻ، يعني هيٺين ڀر واري ڌر کي هڪ ئي وقت سوڪ ۽ ٻوڏ جو شڪار ڪرڻ. ڪجهه عالمي پاڻي ماهرن مطابق دريائن تي ٺهندڙ بجلي گهر ٺهڻ جي ڪري درياءَ جي ايڪالاجي ۽ وهڪرن تي منفي اثر سان گڏ ملڪي ماحوليات تي پڻ منفي اثر پون ٿا.

سنڌو درياهه تي تربيلا کان مٿي چين جي تعاون سان 50 ارب ڊالر جي لاڳت سان 22000 ميگا واٽ بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ  پنج ڊيم هر هڪ بنجي ڊيم، ديامير ڀاشا ڊيم، داسو ڊيم، پتڻ ڊيم ۽ ٿاڪوٽ ڊيم ٺاهيا پيا وڃن. انهن ڊيمن مان حاصل ٿيندڙ بجلي ملڪي معيشت تي بوجهه آهي يا سهارو ۽ انهن ڊيمن جو سنڌو درياهه جي ايڪالاجي، ملڪي ماحوليات ۽ انڊس ڊيلٽا تي پوندڙ اثرن جو جائزو الڳ ٻي ڪنهن مضمون ۾ ورتو ويندو. پر اها حقيقت آهي ته انهن جو سنڌو جي وهڪرن ۽ انڊس ڊيلٽا تي منفي اثر پوندو. برصغير ۾ جتي آبادي جي اڪثريت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آھي، جتي انهن کي کاڌ خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي، گهر ۽ صحت جهڙيون بنيادي سهولتون ميسر نه آهن، اتي قرض کڻي اهڙا مهانگا منصوبا ٺاهڻ واري عمل کي عوام دوستي نٿو چئي سگهجي.

دنيا ۾ اڪثر ترقي يافته ملڪ بجلي جون ضرورتون سج جي روشني مان حاصل ٿيندڙ بجلي (Solar Energy) ذريعي پوريون ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو اها بجلي سستي ۽ ماحول دوست آهي. اسانکي پڻ دنيا مان سبق سکڻ کپي ۽ هوا ۽ سج جي روشني ذريعي ماحول دوست سستي بجلي ٺاهڻ جو رستو اختيار ڪرڻ کپي.

[email protected]