عادلپور (ن پ ا) ڳوٺ جمعو ڀٽو ۾ڀٽا برادري جي ۾ گهرو اڻبڻت تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي عادلپور ٿاڻي تي آندو ويو، پوليس پاران اين سي داخل ڪئي وئي، اين سي بعد زخمين کي طبي علاج لاءِ تعلقي اسپتال گهوٽڪي ليٽر ڏئي موڪليو ويو جتي هڪ زخمي پهلوان ڀٽو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.