عادلپور (ن پ ا) عادلپور ويجهو ڳوٺ ڌڙي محلا ۾ عوامي اتحاد ضلعي گهوٽڪي جي اڳواڻ شفقت حسين چاچڙ، محمد نواز ڀنڀرو، فرمان علي لغاري، استاد امتياز علي ۽ ٻين جي موجودگي ۾ غريبن ۾ راشن جا 50 ڪٽا تقسيم ڪيا، ان موقعي تي شفقت حسين چاچڙ ڳالهائيندي چيو ته اسان جو مقصد غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي، عوامي اتحاد طرفان غريبن مدد جو سلسلو جاري رکيو ويندو.