کپرو (ن پ ا) عوامي شڪايتن تي مختيار ڪار کپرو محمد عمر ميمڻ جا ريزڪي دڪانن، فروٽ، ڀاڄين جي ريڙهن تي ڇاپا هڻي اگهوتري لسٽ کان وڌيڪ اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙن کان ڏنڊ وصول ڪيو. شاهي بازار، شهيد چوڪ، هٿونگو روڊ، سانگهڙ روڊ ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هڻي 5 هزار ڏنڊ وصول ڪيو.