طوفان ڀارتي گجرات سان ٽڪرائجي ويو، سنڌ تان خطرو ٽري ويو

0
373

طوفان ڀارتي گجرات سان ٽڪرائجي ويو، سنڌ تان خطرو ٽري ويو

ڪراچي: طوفان ڀارتي گجرات سان ٽڪرائجي ويو، سنڌ تان خطرو ٽري ويو، اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان بِپَر جواءِ ڀارتي علائقي گجرات جي ساحلي علائقن سان مڪمل طور ٽڪرائجي چڪو آهي

اين ڊي ايم اي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته انتهائي شديد طوفان ڪمزور ٿيڻ بعد هاڻي سائڪلونڪ طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي، اڄ شام تائين ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويندو

موسميات کاتي جو به چوڻ آهي ته ڪمزور ٿيڻ بعد طوفان ڪيٽي بندر کان 200 ڪلوميٽر پري ٿي ويو آهي، طوفان ٺٽو کان 180 ۽ ڪراچي کان 270 ڪلوميٽر پري ٿي چڪو آهي

موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان گجرات جي ساحلي علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، وڻ، بجلي جا کنڀا ۽ گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، گجرات ۾ طوفان وڏو نقصان ڪيو آهي، پاڪستان وڏي نقصان کان بچي ويو آهي

هي به پڙهندا

ساحلي علائقن سميت مختلف شهرن ۾ طوفان کان اڳ سامونڊي ويرن ۽ برسات جي تباهي