طريقت جو سج

0
704

ناول“طريقت جو سج” سينئر ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار منظور ڪوهيار جو لکيل آهي. هيءُ ناول قلندر لال شهباز جي زندگي تي آڌاريل آهي؛ تنهنڪري هن کي نيم سوانحي ۽ نيم تاريخي ناول چئي سگهجي ٿو. سيد عثمان مروندي المعروف قلندر لال شهباز ئي هن ناول جو مک ڪردارآهي. هي ناول سندس مسافرين ۽ تعليمات تي مبني آهي.
وچ ايشيائي ملڪن جي تاريخ ۾ تيرهين صدي عيسوي هڪ خوفناڪ دؤر جي صدي ليکجي ٿي. جنهن ۾ منگولن، ترڪن، افغانين ۽ خوارزمين جون خوفناڪ جنگيون هلندڙهيون. هن ئي دور ۾ شهرِ علم بغداد پڻ منگولن هٿان تاراج ٿيو هو ۽ انهن جو ارادو اهو هو ته هو ڪعبي شريف تي حملوڪندا. ناول ۾ اهوٻڌايوويو آهي ته قلندر،ڪعبي تي حملي کي روڪڻ ۽ مسلمانن کي متحد ڪرڻ لاءِ سفر ڪيا. ان سفر ۾ شيخ علي بغدادي ۽ سيدعلي سرمست ساڻس گڏ هئا.
ناول اندر شهباز قلندر جو سفر ڪربلا، اسپين، مڪي ۽ مديني کان ٿيندو بلوچستان، اتان پوءِ هرات ۽ وچ ايشياجي شهرن مرو، بخارا ۽ گرگانج، اتراڙ، يسوي، اڪتوبي، سراءِالجديد، ثمرقند، ترمذ، بلخ، باميان، ڪابل ، ملتان، پاڪپتڻ، ڪلرڪهار، سوات، لاهور، اُچ شريف، بکر ۽ آخر ۾ سيوهڻ تي اختتام پذيرٿئي ٿو. هي سفر هڪ سٺوسفرنامو آهي؛ جنهن ۾ شهرن، ماڻهن، اتان جي سياسي حالتن، درگاهن، لائبررين، قديم ڪتابن، تاريخ، جاگرافي، اهم شخصيتن، وغيره بابت لاڀائتي ۽ دلچسپ معلومات ملي ٿي ۽ ڪي قدر پڙهندڙ پاڻ کي تيرهين صدي ۾ بيٺل محسوس ڪري ٿو.
فاضل مصنف مهارت سان قلندري طريقت ۽ فڪرکي ننڍن واقعن ذريعي آشڪارڪيو آهي. ناول پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته هو ناول ۾ بيجا ليڪچرڏيڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. هن ناول ۾ هُن قلندر شهباز، بابا فريدشڪرگنج ۽ فريدالدين عطار جي شاعري کي ڏاڍي سهڻي نموني ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪتب آندو آهي. مناسب شاعري سبب ناول جي خوبصورتي ۾ اضافوٿيو آهي. ناول ۾ شهباز قلندر کي انتهائي سنجيده، باوقار، بردبار ، عالم فاضل، صابر، شاڪر ۽ صوم و صلوات جو پابند، باشرع ۽ وڏو عبادت گذار ڏيکاريو آهي. پنهنجي ڊگهي سفر دوران، سندس ملاقاتن ۽ محبتن جا ڪيترائي سلسلا رهيا جن ۾ بخارا جي سيف الدين باخري، فخرالدين عراقي، بهاءُالدين زڪريا، فريدالدين گنج شڪر، جلال الدين سرخ بخاري ۽ مردان شاه سڪندر عرف بودلو بهار سرِ فهرست آهن. آخر ۾ قلندر سيوهڻ ۾ اچي رهيوجتي سيوهڻ جي راجاجيسرکيس مارائڻ جون ڪوششون ڪيون.
اها سنجيدگي ۽ رياضت هتي نظر آئي جنهن جي تقاضا هڪ سٺو ناول ڪري ٿو. تحرير ۾ بردباري ۽ ٺهراءُ آهي ۽ ناول نگار ناول جي پڄاڻيءَ تائين پهچڻ جي اجائي تڪڙ به نٿو ڪري. ناول جي مزاج ۾ پڻ نرمي، سنجيدگي، شگفتگي ۽ ڳنڀيرتا سان گڏ ان ۾ کوڙسارن ننڍن ننڍن واقعن جي پوري ڪهڪشان به آهي، جنهن سبب تحرير ۾ رواني، هلچل ۽ گهماگهمي نظر اچي ٿي. ناول ۾ جمود ۽ سقوط به ڪونهي، جنهن ڪري پڙهندڙجي دلچسپي پڻ برقرار رهي ٿي، پر ڏٺو وڃي ته هي ناول حقيقت کان وڌيڪ عقيدت تي ٻڌل آهي. قلندر جا عقيدتمند هن کي وڏي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهندا پر جيڪي هن کي خالص ناول ڪري پڙهندا، انهن کي شايد ايترو متاثر نه ڪري سگهي.
ٻيو ته حقيقي تضاد، جيڪو ناول جي جان هوندو آهي؛ اهو به هتي اڻلڀ آهي،. ناول ۾ ٽڪراءُ (Conflict) بحران (Crisis)کي جنم ڏيندو آهي ۽ بحران ان ڪري ضروري هوندو آهي ته جيئن مک ڪردار ان سان مدِ مقابل ٿي پنهنجي ڪچي شخصيت کي، ارتقا جي مرحلن مان گذاري پڪو بنائي پر هتي قلندر، ناول جي شروعات کان ئي ڪامل آهي تنهن ڪري کيس ڪنهن تڪميلي مرحلي جي به ضرورت ئي پيش ناهي آئي ته پوءِ سندس زندگيءَ جو مقصد ڇاهو؟ ٻين جي تڪميل ڪرڻ؟ پر ان لاءِ به ناول ۾ کيس ڪنهن چئلينج کي منهن ڏيڻونٿوپوي. توڙي جو حقيقي زندگيءَ ۾ جتي جتي به هو ويو کيس مختلف طرح جا مامرا درپيش هئا. پر ناول ۾ هو جتي جتي وڃي ٿو اتي فردن کان وٺي ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ قبيلن جا قبيلا قلندري سلسلي ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. توڙي جوهڪ سٺي ڳالھه اها آهي ته فاضل مصنف هتي قلندر جون ڪي ظاهر ظهور ڪرامتون نه ڏيکاريون آهن. پر هر جاءِ تي قبوليت به ڪنهن ڪرامت کان گهٽ ناهي، جنهن کان ناولنگار کي پاسو ڪرڻ گهرجي ها.
ناول ۾ مک ڪردارکي سڄي سفر۾ خوب سهولتون ۽ مراعات ملنديون رهن ٿيون. سواءِ سفر جي ڪشالن جي، کيس ڪٿي به ڪا مشڪل درپيش نٿي اچي.جنهن به فوجي چوڪي تي پهچي ٿو، اتان جو والي کيس وڏي عزت ۽ احترام ڏي ٿو.وچ ايشيائي رياستن کان وٺي افغانستان ۽ پنجاب تائين، خونخوار جنگجو ۽ ظالم منگولن کان وٺي دهلي جي مملوڪ ترڪن تائين جهٽ پٽ ۾ سندس مداح ۽ مددگاربنجي ٿا وڃن. نه صرف ايترو پر اهي اڳتي جي سفر لاءِ پڻ سهولتون پيداڪري ڏين ٿا.ڪنهن سان به سندس ٽڪراءُ (Conflict) نٿوٿئي، ڪو بحران نٿوپيداٿئي!اهڙي صورتحال ڏسي حيرت ٿي ٿئي ۽ لڳي ٿو ته ڄڻ هي ناول جي بجاءِڪوديومالائي قصوهجي!!
آخري يعني سيوهڻ واري باب ۾ قلندر خلاف راءِجيسر جون ڪارروايون، ٻاراڻيون حرڪتون ٿيون لڳن. قلعي جو راجا ڪمزور، مت جو موڙهو،لالچي ۽ ظالم آهي پر هن کان هٿين خالي قلندر ۽ بودلو بهار ڏاڍا ڏيکاريا ويا آهن. هن کي هڪ ڪمزور ۽ احمق ولين ڪري پيش ڪيوويو آهي جيڪو قلندر خلاف سازشون ڪري ٿو. ڪڏهن انود ڪاسائي جي جادو ٽوڻن جو سهارو ٿو وٺي ته ڪڏهن قلندر تي ڪتا ٿو بڇائي پر هر سازش ناڪام ٿئي ٿي. جتي ولين احمق هوندو آهي اتي مزاح جو پهلو به نڪري ايندو آهي. آخري باب ٻارن جي آکاڻي جهڙوڏيک ڏيڻ لڳي ٿو.
هن ناول ۾ ڪورومانس، ڪوائڪشن ياڪو خاص سسپينس به نه آهي. هي ناول ڪيترين ئي جڳهين تي دل (Emotions) کي متاثر ڪري ٿو پر شايد ئي ڪٿي دماغ (Intellect) کي متاثر ڪندوهجي. ڪٿي به پڙهندڙکي جھنجھوڙي نٿو. هي ناول پڙهندڙ تي ڪابه غير معمولي ڪيفيت طاري ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نظر نٿو اچي.
اڳ ديومالائي داستانن ۾ ڪيترائي اتفاقي واقعا بيان ڪيا ويندا هئا يا ڪا غيرمتوقع مدد ملي ويندي هئي ۽ مک ڪردار جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو هو. پر انهن اتفاقي واقعن جي ذريعي ناول جي ڪهاڻي کي ا ڳتي ڌڪڻ سٺو نه سمجهيوويندو آهي. مجبوريءَ سبب ڪنهن هڪ يا ٻن اتفاقن جي اجازت هوندي آهي پر هن ناول ۾ ته اتفاقن جي ڀرمار آهي جن مان ڪجھه اتفاقي واقعن جو تذڪروهتي ڪجي ٿو:
ارسلان جي مقبري اندر، قلندر جي سندس ماسي ۽ ماسات جي ورهين کان پوءِ ملاقات!
قلندر جنهن قافلي ۾ سفر ڪري رهيو هو ان جو سالار اتفاق سان ارهان نالي قلندري جو پٽ نڪري پيو. ارهان ماضي ۾ قلندر جي هٿ تي بعيت ڪري، سندس مريد ٿيو هو.
باميان شهر ۾ قلندر جي شانتي ديو سان اتفاقن ملاقات. شانتي ديوماضي ۾ قلندر کي سنسڪرت سيکاري هئي.
ڪلرڪهار ۾ جڏهن قلندر کوکرن جي مدد ڪري رهيو هو ته انهن کي دهلي جي فوج گھيروڪري ويئي جنهن جي اڳواڻي اتفاق سان ملڪ ايلداربيگ ڪري رهيو هو جيڪوباغين کي سيکت ڏيڻ آيو هو، پر اتفاق سان هو قلندر جي ماروٽ جو پٽ نڪري پوي ٿو.
دريائي پتڻ تي فوجي چوڪي هئي جتي سخت چيڪنگ هئي. اتفاق سان انهيءَ چوڪي جو سربراهه جمال بيگ خوارزمي هو جيڪوماضي ۾ غلام هو ۽ جنهن کي قلندر آزاد ڪرائي ڇڏيو هو…….
انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترا اهڙا اتفاق ٿيندارهيا جن جي ذريعي قلندر ۽ سندس ساٿين کي پيش ايندڙسڀ مسئلا خود بخود حل ٿيندا ويا. انهن مسئلن ۽ مشڪلاتن کي مک ڪردارپنهنجي همٿ، بهادري ياحڪمت عملي سان حل ڪري ها ته بهتر. پر هتي هر مسئلي جو حل ڪنهن نه ڪنهن اتفاق ۾ رکيل آهي. انهيءَ کان پهرين جو ڪومسئلو بحران جي شڪل اختيارڪري، ماضي مان ڪوڪرداراچانڪ نمودار ٿيووڃي جنهن سان نه صرف مسئلو حل ٿيو وڃي پر ڪنهن ديومالائي قصي وانگر قلندر کي اڳتي سفر لاءِ به ڪا مدد مليووڃي.
اتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا قلندر شهباز سان، شاهه عنايت شهيد، مخدوم بلاول، منصور حلاج، سرمد يا دارا شڪوه جهڙن صوفين جهڙوڪوواقعوپيش آيو؟ جواب آهي ته نه. جڏهن ڪوٽڪراءُڪونهي ته ڪو بحران به ڪونهي. ٽڪراءُڪونهي ته ڪو ولين به ڪونهي سواءِهڪ راءِجيسرجهڙي معمولي ۽ چرٻٽ راجا جي.
ناول ۾ تاريخ ڪجهه وڌيڪ بيان ڪئي ويئي آهي. ناول ۾ تاريخي واقعن جو مقدار مناسب هجي ته وڻي ٿوپرجيڪڏهن ضرورت کان وڌيڪ آهي ته هڪ ته بور ڪري ٿو ٻيو ان سان ناول جي جماليات تي ناڪاري اثر پوي ٿو. هتي تاريخ به وچ ايشيا يعني ازبڪستان، ترڪمانستان، افغانستان ۽ خوارزمين جي بيان ڪئي ويئي آهي جنهن جو ناول جي نفسِ مضمون سان بس واجبي تعلق آهي. هتي اختصار يا صرف تذڪروئي ڪافي هو. ڇو جو ايترن تاريخي واقعن جو قلندر جي فڪري تشڪيل ۾ ڪوڪردار نظر نٿواچي. قلندر جي فڪري تشڪيل سندس بزرگ ڪربلائي استادن ۽ ڪبريائي وارن گھڻواڳ ئي ڪري ڇڏي هئي.
پنهنجي فني ڪمزورين جي باوجود، ناول دل تي اثر ڪري ٿو. فاضل مصنف منظور ڪوهيار جي محنت ، تحقيق ۽ مطالعو جا بجا نظر اچي ٿو جنهن لاءِ کيس جس هجي.