ايران ۽ اسرائيل جي نئين سائبر جنگ ڪٿي دنگ ڪندي؟ 

0
453

               ايران ڪيتري ئي عرصي کان واپاري پابندين کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان جو مکيه سبب سندس جوهري پروگرام آهي جنهن تي هو گهڻي وقت کان ڪم ڪري پيو. ان ڏس ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل اُهي ملڪ آهن جن هميشه ايران جي ايٽمي پروگرام جي نفي ڪئي آهي. جيڪي بين القوامي محاذن تي ايران تي الزام به لڳائين ٿا ۽ ڌمڪين کان ويندي جنگي صورتحال تائين به ويندا آهن . بدلي ۾ ايران جو موقف اهو ئي رهيو آهي ته هو ڪجهه نيوڪليئر پلانٽ لڳائي ان ۾ يورينيم رچائڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن سان هو پنهنجيون توانائي گهرجون پوريون ڪندو.
ان حوالي سان سن 2015ع ۾ اوباما جي سرپرستي ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين هڪ معاهدو ڪيو ته ايران پنهنجي توانائي جي حد تائين يورينيم سينٽري فيوج ڪري سگهي ٿو ۽ بدلي ۾ ايران تي عالمي واپاري پابنديون به هٽائي ڇڏيون. معاهدي جي شرطن موجب، انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي IAEA اهو جاچ پڻ ڪندي ته ايران نيوڪليئر ڇا جي لاءِ اخذ پيو ڪري. ان ايجنسي جاچ پڙتال کانپوءِ اها رپورٽ شايع ڪئي ته ايران معاهدي جي مڪمل پاسداري پيو ڪري. پر 2018ع ۾ جيئن ئي نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واڳ سنڀالي ته ان پراڻا معاهدا ختم ڪري ايران تي ٻيهر واپاري پابنديون عائد ڪري ڇڏيون. جنهن بعد وري آمريڪا ۽ سندس اتحادين سان ايران جا تعلق خراب ٿي ويا. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي اقتداري وقت ۾ هميشه ايران جي مخالفت ڪئي ۽ ڪو وقت اهڙو به آيو جو ايئن پئي لڳو ڄڻ ٻنهي ملڪن جي درميان جنگ ڇڙڻ واري آهي.
جڏھن ايران تي وري پابنديون لڳيون ۽ آمريڪا، اسرائيل ۽ سندس اتحادين درميان ڪي سمجھوتو ٿيڻ جو آسرو نظر نه آيو ته ايران به لڪ ڇپ ۾ پنهنجي جوهري پروگرام کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.
اھو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ اسرائيل سڌي نموني ايران سان جنگ يا جهيڙي ۾ نه ٿا اچن. ماهرين جو خيال آهي ته ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام 80  سيڪڙو مڪمل ڪري ورتو آهي  ۽ باقي ڪم به تيزي سان جاري رکندو اچي ته جيئن جلد کان جلد ايٽمي پاور ٿي ظاهر ٿئي. پر آمريڪا ۽ اسرائيل وقت بوقت ايران لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندا اچن پيا. ايران پنهنجو نيوڪليئر انرچمنٽ پروگرام لاءِ نطانز شهر ۾ هڪ نطانز نالي سان فيسيلٽي قائم ڪئي آهي جيڪا زمين دوز ( انڊر گرائونڊ)  آهي ته جيئن ٻاهريان کان ڪو سڌو حملو نه ڪري سگهي. مختلف اخباري رپورٽن ۽ ماهرن جي چوڻ موجب ايران مارچ 2021ع ۾ يورينيم کي رچائڻ واري ڪم کي وڌيڪ جديد طريقي سان ڪرڻ لڳو. 10 اپريل 2021ع تي انهن  يورينيم هيگزا فلورائيڊ گئس کي رچائڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن سڄي پلانٽ جي بجلي (پاور) شارٽ ٿي وئي ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ان تي ضابطو اچي نه سگهيو هو. نطانز جي بجلي نظام خراب ٿيڻ ۽ ٽوٽل بليڪ آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ، اسرائيلي ميڊيا يوروشلم پوسٽ ۽ هڪ مقامي  ريڊيو  اها دعوا ڪئي ته هي هڪ سائبر حملو آهي جيڪو اسرائيل جي ايجنسي موساد ڪيو آهي. جنهن جي جواب ۾ ايران پهرين ڏينهن ته ترديد ڪندي اهو چيو ته ڪو فالٽ ٿيو آهي پر ٻئي ڏينهن ايران جي ايٽامڪ انرجي آرگنائيزيشن آف ايران (AEOI) اعتراف ڪيو ته اهو هڪ ننڍو ڌماڪو هو ۽ ايران  جي پرڏيهي وزارت جي مشير  چيو ته نطانز وارو حملو اسرائيلي دهشتگردي آهي جنهن جو ايران بدلو ضرور وٺندو، ڪڏهن ۽ ڪٿي اهو فيصلو ايران پاڻ ڪندو. حالانڪه هي پهريون سائبر حملو نه آهي ان کان اڳ به اهڙا حملا ٿيندا رهيا آهن. اهڙو ئي هڪ سائبر حملو جون 2020ع ۾ به ٿيو هو جنهن سان ڪافي نقصان ٿيو هو. ساڳي ئي  سال بندر عباس پورٽ لڳ هڪ مائين تي به حملو ٿيو هو. 
اسرائيل جا هاڻوڪن ۽ اڳوڻن حملن جا ڪهڙا سبب آهن؟
ايران ۽ اسرائيل شروع کان ئي هڪٻئي جا دشمن رهيا آهن، جن پٺيان مذهبي، جاگرافي ۽ معاشي سبب پڻ آهن. هاڻوڪي آمريڪي صدر جو بائيڊن جيئن ئي واڳ سنڀالي ته هن ايران سان نيوڪليئر پروگرام ۽ اقتصادي پابندين بابت ڳالھه ٻولهه ڪرڻ جي لچڪ ڏيکاري. جيڪا ڳالهه اسرائيل کي بلڪل پسند نه آئي ۽ شايد ايران سان گڏ آمريڪا کي به اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان ان فيصلي تي متفق نه آهيون ۽ اهڙي قسم جون رڪاوٽون به پيدا ڪري سگهون ٿا. ٻيو سبب ڪچو  يورينيم آهي جيڪو اتي گهڻي مقدار ۾ ملي ٿو. ڪچي يورينيم کي مختلف مرحلن ۾ رچائي ۽ ريفائين ڪري نيوڪليئر راڊس ٺاهي سگهجن ٿيون جن سان ايٽمي هٿيار ۽ بيلسٽڪ ميزائيل به ٺاهي سگهجن ٿا.اسرائيل سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان دنيا جو ماهر ترين ملڪ آهي. هو اها دعوا ڪندا رهن ٿا ته پنهنجي ملڪ ۾ رهندي هو ايران جي سموري جوهري  نظام کي وڏو نقصان پهچائي سگهن ٿا. 
ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ جنگين جا طور طريقا تبديل ٿيندي نظر اچن پيا. هتي هائبرڊ، ميڊيڪو ۽ سائبر وار جهڙا اصطلاح عام جام ٻڌڻ اچن پيا. جنهن ۾ آمريڪا، اسرائيل، چين ۽ روس جهڙا ملڪ اڳڀرا آهن. باقي ٻيا ملڪ به وقت جي نزاڪت سان پنهنجي دفاع لاءِ سڀني چالن کي نظر ۾ رکي وکون وڌائيندا وڃن پيا.
ايران ۽ اسرائيل جي نئين ڇڙيل جنگ جو دنگ ڪٿي ٿيندو اهو ته وقت اچڻ تي ئي خبر پوندي. باقي جيڪڏهن آمريڪا ايران تي اقتصادي پابنديون هٽائي ايران جي جوهري پروگرام کي روڪڻ لاءِ وري ڪو معاهدو ڪرڻ گهري ٿو ته پوءِ اهو ڏسڻو پوندو ته ايران جو ان تي ڪهڙو ردعمل اچي ٿو. جنهن جو ماهرن جي حساب سان 80 سيڪڙو جوهري پروگرام مڪمل ٿي چڪو آهي.