طاقت سان تحريڪون دٻائي نه سگهبيون آهن

0
277
هو چاهن ٿا ته سن سنڌين جو سياسي مرڪز نه رھي

دنيا جي تاريخ گواھه آھي ته ڪڏهن به ڏاڍ جبر ۽ استبداد سان قومن جي قومي غلامي خلاف هلندڙ تحريڪن کي جبر جون قوتون نه ڪڏهن هيڻو ڪري سگهيون آھن ۽ نه ئي اجتماعي شعور ۽ گڏيل قومي مقصد تان کين هٽائي ٿيون سگهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿوته هٿيارن جي زور تي يا مڪاراڻي سازشن وسيلي سنڌ جي شعور ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ قوتن کي قطعي جهڪائي نٿو سگهجي. سنڌ ستن ڏهاڪن جي سفر دوران پرامن ۽ پنهنجي تاريخي روايتن تحت سهپ ۽ رواداري سان زبردست جدوجهدون ڪري ون يونٽ سميت مارشلائي عذاب کي چئلينج ڪري بيپناهه ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن،
سنڌ هزارها سالن کان تهذيب ۽ مهذب پڻي جي خالق رهي آھي، اها الڳ ڳالھه آھي ته ڪن رهزن قوتن لوڀ لالچ ۽ اقتداري حوس ۾ اچي سنڌ کي لڳاتار ڏنڀ ڏيڻ شروع ڪيا آھن، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته تاريخ جي شاگردن اهو پڻ سبق پڙھيو آھي ته انصاف وٺڻ وارين قوتن جي بلند ڪيل آوازن کي طاقت ذريعي ڪڏهن به دٻائي ۽ خاموش نٿو ڪري سگهجي. اهو مڃون ٿا ته هلندي جدوجهد دوران ڪڏهن ڪڏهن وقتي ٿڌائپ ۽ ماٺار ٿيندي آھي ۽ تحريڪن جو جاهه ۽ جلال ساڳيو نه به رھندو آھي پر قومي تحريڪون وري وري اڀرن ٿيون وري وري نکرن ٿيون، تاريخ شاهد آھي ته سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ اهي تحريڪون هن وقت هڪ ڀيرو وري عروج ماڻي چڪيون آھن.
سنڌ جي قومي آواز کي دٻائڻ لاءِ ٽي هفتا اڳ سنڌ سرڪار ملڪ رياض جي چوڻ تي بحريا ٽائون آڏو لکين ماڻھن جي پرامن اجتماع تي هلان ڪئي. سوين بيگناهه ٻارڙن عورتن ۽ نوجوانن تي دهشتگردي جون ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، سڄي رات عورتن ۽ ٻارڙن کي ناحق قيد ۾ رکي انهن آڏو گرفتار ڪيل بيگناهن کي نه فقط ڍورن جيان ڍونڍ ورتل سوڙھن قيدخانن ۾ سٿيو ويو بلڪه سمورن انساني ضرورتن کان وانجهيل رکي ساڻن ڏوهارين وارو ورتاءَ ڪندي کين سخت ٽارچر جو نشانو بڻايو ويو. خوف ۽ دهشت پيدا ڪرڻ لاءِ ھنن سڀ حربا هلايا.
حيرت جي ڳالھه اها آھي ته ساڳئي ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير ملڪ ڇڏي آمريڪا پهتو، بلاول صاحب کي هن ڏاڍ ۽ انياءَ جي ڪا ڪل نه پئي!!! پوليس کي ڇيڪ ڇڏيو ويو! سنڌ تي حڪومت ملڪ رياض جي رهزن انتظاميا جي قائم ڪئي وئي، !! رات جي اونداهي ۾ گلشن حديد ۾ جسقم سرواڻ جي گهر تي چڙھائي ڪئي وئي.
صنعان خان کي کنڀيو ويو سخت تشدد جو شڪار بنايو ويو ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻيهر چڙھائي ڪري سڄي قيادت کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو، جنهن جو شاهد اي ٽي سي ڪورٽ ڪلفٽن ڪراچيءَ جي جيوري آھي جنهن اهڙي پوليس ٽارچر باوجود صنعان خان سميت پنجيتاليھه ڄڻن کي ٻيهر پوليس رمانڊ ۾ ڏيئي ڇڏيو. ان کان علاوه درجنين ايف آءِآرز داخل ڪري سڀني قومپرست پارٽين جي سربراهن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو. هزارين سنڌي ماڻھن کي دهشت گرد قرار ڏيئي تاريخ جي بدترين انتقامي ڪارروائي ان وقت شروع ڪئي وئي
جڏهن وڏو وزير واپس پهچي ميڊيا سان مخاطب ٿيندي قومپرستن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ٿو.
سڀ کان اڳ سندس ئي تڪ مان قومپرست اڳواڻ مولابخش نوحاڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو. بعد ۾ ان کي به بحريه انتظاميا جي داخل ڪيس جو حصو بڻائيندي دهشتگرد قرار ڏنو ويو ۽ سيوهڻ کان سينٽرل جيل ڪراچي پهچايو ويو. پوءِ ته رڻ ٻاريو ويو، هزارين ماڻھن کي سڄي سنڌ اندر گرفتار ڪيو ويو، ڪيس داخل ڪيا ويا. انتقامي ڪاررواين کان وڌيڪ حيرت سعيد غني جي انهي اسٽيٽمنٽ تي ٿي ته صاحب موصوف ميڊيا کي ٻڌايو ته بحريا کي باهه ڏيندڙن جي هٿ ۾ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا هئا
ان جي فائونڊر سربراهه الطاف حسين جون هٿ ۾ تصويرون هيون، جيڪڏهن ايئن ئي هو ته پوءِ ٽن هفتن تائين مسلسل 224 ماڻھو ڪهڙي کاتي ۾ سينٽرل جيل لانڍي ۽ سنڌ جي ٻين ڊسٽرڪٽ جيلن ۾ عام ڏوهارين سان گڏ قيد ٿيل آھن انهن کي آزاد ڇونٿو ڪيو وڃي يا هي 28 دهشتگردي جون ايف آءِآرز اڃان داخل ڇو آھن؟ نيڪال ڇونٿيون ڪيون وڃن !! بعد ۾ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب فرمائي ٿو ته ڪنهن به بيگناهه تي ڪيس داخل نه ٿيندو بي ڏوهي آزاد ڪيا ويندا. بيان کي ڏھه ڏينهن گذري ويا پر ملڪ رياض جي ونگارو سنڌ حڪومت هن وقت تائين هڪ به بيڏوهي آزاد ناهي ڪيو. اڃان اهو ٿيو آھي ته هڪ طرف ڌڙا ڌڙ ميڊيا ٽرائل جاري آھي،
بحريا کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ ادارا خريد ڪيا پيا وڃن، رقم عيوض ثناخواني ڪرائي پئي وڃي، ٻئي طرف بيڏوهي اڃان جيل ڀوڳي رهيا آھن جن ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن کان وٺي گريجوئيٽ تائين شاگردن کي جيل جي ازدها ديوارن پويان واڙي خوف جي ديوي کي ڇيڪ ڇڏيو ويو آھي.
اها الڳ ڳالھه آھي ته اڄ سنڌ جي سوسائٽي حسيني قافلي سان بيٺل آھي، مظلومن جي حامي آھي وڪيلن جيڪا مڙسي ڪئي آھي هن قومي جبر ۽ ڏاڍ خلاف سندرو ٻڌي جنهن انداز ۾ سنڌ جي قيدين سان بيٺا آھن، سنڌ جو ڪيس وڙھي رهيا آھن، اهڙو مثال اوڀر بنگال جي جدوجهد کان پوءِ پهريون دفعو مليو آھي. سنڌ تاريخ کي ورجائي رهي آھي ۽ پ پ پ پنهنجن وڏڙن جي روايت تي هلي سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڀت سان لڳائڻ واري واٽ ورتي آھي جڏهن ته سنڌ جي قومي تحريڪ هن يزيدي دور ۾ حسينيت جو علم بلند ڪري سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آھي.