پشاور(م ڊ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ضابطن جي ابتڙ ٺاهيل عمارتن کي ريگولرائز ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته ان سان لکين پاڪستانين جون زندگيون متاثر ٿي رهيون آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي م ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو خدا نه ڪري ته ٻئي ڪنهن شهر سان ٿئي، باقي شهر 25 کان 30 سالن جي تباهي کان بچيل رهيا. هاڻ شهر ۾ امن مان جي حالت بهتر آهي. ترقياتي ڪم به تمام گهڻا ٿيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف وارا منهن جي پڪائي سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.