صنعان قريشي طرفان ڪراچي ۾ ڪروڙين سنڌي گڏ ڪرڻ جو اعلان

0
378

سن(رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سائين جي ايم سيد جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو آهي ته عيد کانپوءِ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڊگهي جدوجهد شروع ڪئي ويندي

صنعان قريشي چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف عيد کانپوءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي، سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش پئي ٿي، خاموش نه ويهنداسين

هن چيو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر ڪاميابي ماڻي چڪو  آهي، سنڌ سان عشق ڪرڻ ڏوهه آهي ته اُهو لک ڀيرا ڪندا رهنداسين

صنعان قريشي چيو ته عيد کانپوءِ سڄي سنڌ جا دورا ڪري سنڌ واسين کي بيدار ڪندس ۽ ڪراچي ۾ ڪروڙين ماڻهو گڏ ڪنداسين