صرف چار لک ڊالر

0
212

جديد قدامت پسند ياد رکن؟ ڊونلڊ رمز فيلڊ، پال وولفوِز، جان بولٽن ۽ واشنگٽن جي ساڄي ڌر جي مخزنِ فڪر )ٿنڪ ٽينڪ( سان لٽڪيل به؟ هي اهي مڙس ماڻهو هئا – تقريبن سڀ مڙس ماڻهو، جن ڪنهن حد تائين سياسي ڏاهپ کان خالي جارج ڊبليو بش کي هڪ نظريو مهيا ڪيو. آمريڪي قومپرست جيڪي سدائين آمريڪي قومپرستي جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا. انهن هڪ خواب ڏٺو جنهن کي اهي هڪ “نيئن آمريڪي صدي” چوندا هئا جنهن ۾ جمهوريت پروان چڙهندي، ۽ وري اها هڪ قطبي آمريڪا واري قيادت جي ڇانوَ ۾ اڳتي وڌندي ۽ ويجهندي.
نائن اليون جي حملن قدامت پسندن کي اهوئي ڪجهه ڏنو جيڪو انهن کي پوري دنيا ۾ آمريڪي فوج کي موڪلڻ جي جواز جي طور گهربل هو. ڪجهه آمريڪي هدف، جيئن عراق، جنهن جو ڪنهن به حوالي سان نائن اليون سان ڪنهن به قسم جو ڪو تعلق ڪونه هو، پر هن ڳالهه کي به ڇڏيو: آمريڪا جي جنرلن کي چيو ويو ته اهي صدام حسين جي آمريت کي ڍير ڪن، ۽ ان جي بدلي ان ڍير ۾جمهوريت جو ٻوٽو لڳائين. اصل ۾، آمريڪي برتري ۾ ورتل اسان جا قدامت پسند ايترو ته پراعتماد هئا جو جيئن سندن جو خيال هو ته حقيقت ۾ اسان کي اتي جمهوريت جي نصب ڪاري (انسٽاليشن) ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي: ڇاڪاڻ جو عراقي عوام، آمريڪي طرز جي آزادين جي لاءِ تڙپي ٿو، اهي جمهوريت جي لاءِ پنهنجو پاڻ ئي اڳتي ايندا ۽ قدم وڌائيندا. جهڙي طرح توهان کي ياد هوندو ته هن مسئلي تي تمام گهڻو ڳالهايو ويو هو ته آمريڪا ڪهڙي طرح سان هڪ سامراجي قوت بڻجي ويو هو، هاڻي هي دنيا کي ڪميونزم کان محفوظ نٿو رکي پر دنيا کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ ۽ شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ويهن سالن بعد، قدامت پسندن کي پوري طرح سان وائکو ڪيو ويو آهي. هنن جا وسوسا بي نقاب ٿي چڪا آهن، ۽ افغانستان مان نيڪالي آمريڪا کي ڪمزور کان ڪمزور تر ڪري ڇڏيو آهي. حقيقت هي آهي ته دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي طاقت کي، سندس جي ڀيٽ ۾ نه هجڻ جي برابر هڪ مليشيا جيڪا مذهبي بنياد پرستن تي مشتمل آهي منظر تان غائب ڪري ڇڏيو آهي، هن جو مطلب هي ٿيو ته آمريڪي هار جا گهرا اثر ظاهر ٿيا آهن.
آمريڪا کي لڳل ڌڪ اچڻ وارن ڪيترن ئي سالن تائين ڪچو ۽ ملم پٽي بنا ئي نظر ايندو. هي سوچڻ ڏکيو آهي ته هاڻي افغانستان ۾ مولوين جي جيڪا آمريت قائم ڪئي پئي وڃي ان جو ڪو خاتمو ايندو. يقيني طور تي، هن ڳالهه ۾ يقين ڪرڻ جي لاءِ سبب نظر نٿو اچي ته افغان طالبان اڳواڻ حقيقي چونڊن ۾ دلچسپي رکن ٿا جيڪي سندن جي اختيار کي جوکم ۾ وجهي سگهن ٿيون. ۽ ايتري تائين جو افغان ڌرتي کي آمريڪا تي نائن اليون جهڙي وڏي پيماني تي هڪ ٻئي حملي جي لاءِ استعمال ۾ آندو ويو ته هاڻي هي سوچڻ به ممڪن نه هوندو ته آمريڪا حملي جو ڪو جواب ڏيندو. ۽ نه ئي نيٽو مان روايتي آمريڪي ڪو اتحادي اٿي اچي هن قسم جي گورک ڌنڌي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ٿيندو. يقيني طور تي جيسيتائين اهي پاڻ کي پاڻ تباهه نٿا ڪن، افغان طالبان غير مقرر مدت تائين اختيار ۾ رهي سگهن ٿا جيڪا ڳالهه آمريڪي ڪمزوري کي تسلسل سان ياد ڪرائيندي رهندي.
آمريڪا تي سڀ کان وڌيڪ ڀاڙڻ وارن اتحادين کي به هاڻي پريشان ٿيڻ گهرجي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسرائيل عام طور تي بن يامن نتن ياهو ۽ خاص طور تي سندس جديد قدامت پسندن آمريڪا کي ايران تي حملو ڪرڻ جي لاءِ ڀڙڪايو، ۽ ڪوششون ڪيون. ٽرمپ ذري گهٽ خصومت جي ڪمري واري در کي کولي ڇڏيو هو پر هوائي حملي کان اڳ، جڏهن حملي لاءِ وڃڻ ۾ صرف ڪجهه ئي پل رهيل هئا ته هن اڳتي وڌڻ جي بدلي پوئتي موٽ کائڻ کي بهتر سمجهيو ۽ دروازو بند ڪري ٻاهر نڪري آيو. هاڻي چڱي طرح سان ڏسنداسين ته آمريڪا کي ايران سان فوجي طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ قدامت پسند وري اٿي کڙا ٿيندا ۽ ايران کي سبق سيکارڻ لاءِ، عراق، شام ۽ لبيا تي جهيڙي ڀيڙي نامردي جهڙي تقريبن ڪامياب هڪ ٻي مهم جو سايو ڪرائيندا! تائيوان کي به پنهنجي خطري واري جائزي کي ٻيهر ڏسڻ گهرجي، اهو سوچي ته واشنگٽن جي پاران انهن سڀني سلامتي وارين ضمانتن جو ڪيترو ملهه اڃان چڪائڻو آهي؟
هن سڄي ڳالهه جو مطلب هي آهي ته نائن اليون جي آڙ ۾ ڪيل حملا تاريخ جا انتهائي غير معمولي فوجي حملا هئا. انهن نازي جرمني ۽ ڪميونسٽ روس جي مقابلي ۾، صرف اوڻويهه نوجوانن جي ٻل تي آمريڪا کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاريو. هر وقت قدامت پسندن کي خوش رکڻ جي لاءِ، آمريڪا کربين ڊالر خرچ ڪندي ٻن ملڪن تي حملو ڪيو ۽ ٻنهي ۾ هار کاڌي. واشنگٽن پاران وڏي پيماني تي ڪوششون ڪرڻ جي باوجود جنهن ڏوڪڙن ۽ فوجي ڪوششن جي حوالي سان پوئتي ڪجهه به ڪونه ڇڏيو. هاڻي آمريڪا جي مقابلي ۾، عراق ۽ افغانستان تي ٻن علائقائي قوتن: ترتيبوار ايران ۽ پاڪستان جو گهڻو زور هلندو. جڏهن هو نائن اليون جي حملن جي رٿابندي ڪري رهيو هو، اساما بن لادن دليل ڏنو هو ته تشدد پسند جهادين کي پنهنجي حڪمت عملين کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي هاڻي ويجهي واري دشمن جي بدلي تمام گهڻو پري واري دشمن سان محاذ کولڻ جي ضرورت آهي. پر هن ڪڏهن به هي نه سوچيو هوندو ته هڪ حملي جا ايترا ڏور رس نتيجا نڪرندا. ۽ نائن اليون تي ڪيترو خرچ آيو؟ صرف 400,000 آمريڪي ڊالر. يعني هن يادگار ڌڪ لاءِ! فوجي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايتري معمولي رقم خرچ نه ڪئي وئي.
۽ پاڪستان جي لاءِ هن سڄي ڪهاڻي جو ڇا مطلب آهي؟ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ هاڻي سمجهه ۾ ايندڙ سببن جي بنياد تي پنهنجو پاڻ کي واڌايون ڏئي رهي آهي: يعني افغان طالبان جي نصب ڪاري ڪرڻ جو عمل؛ جڏهن ته، ساڳي ئي وقت تي اربين ڊالر آمريڪي ڏوڪڙن جي امداد سان اها هن جي هڪ قابل ذڪر ڪاميابي چئبي. پر ڇا ان جو ملهه ادا ڪيو ويندو؟ آمريڪا ۾ گهڻائي اهڙا آهن جيڪي پاڪستان کي سزا ڏيڻ جي حق ۾ آهن. پر سڀني امڪانن جي باوجود، اهي ايئن ڪونه ڪندا. پاڪستان حالتن جي آڙ وٺي چئي رهيو آهي ته هن جو افغان طالبان تي زور هلندو الائي جي نه. امڪان آ ته اچڻ وارن مهينن ۾ پاڪستان هڪ پراڻي راند کيڏندو.
وڌيڪ تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه هي آهي ته ڪجهه پاڪستاني ذميدار هي بحث به ڪري رهيا آهن ته آمريڪا کي گهرجي ته هو افغانستان ۾ ڏوڪڙ وجهي ته ان تحريڪ جي مدد ڪري سگهجي جنهن هٿان هن شڪست کاڌي آهي! پر هن قسم جون چالاڪيون صرف هڪ معمولي قوت جي راند آهن. هن قسم جي معاملن تي قابو پائڻ واري سڀ کان اهم حقيقت 1998ع ۾قائم ڪئي وئي هئي اها هي ته جيسيتائين پاڪستاني فوج جهادي بم جي امڪاني قبضي جي خلاف واحد بهانو بڻيل رهندي، اها آمريڪي حمايت ۽ امداد جي تسلسل سان توقع رکي سگهي ٿي.
(روزاني ڊان جي ٿورن سان: ڪالم نگار “ڀٽو ڊائنسٽي: دي اِسٽرگل فار پاور انِ پاڪستان” جو ليکڪ آهي؛ سنڌيڪار: سڪندر گلاب سومرو)