ڪمون شھيد (ن پ ا) ڪمون شھيد ويجهو پنجاب جي علائقي صادق آباد جو رهواسي جوڙو قتل جي ڌمڪين بعد تحفظ لاءِ ڪمون شهيد پهتو. صادق آباد پنجاب جي رھواسي نصير احمد ۽ سلميٰ ڪمون شهيد پريس ڪلب اڳيان احتجاج بعد صحافين کي ٻڌايو ته هنن ڪجهه عرصو اڳ سيشن ڪورٽ گھوٽڪيءَ ۾ نڪاح ڪيو هو، جنهن بعد رشتيدارن کان موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. ناري سمليٰ چيو ته مون کي ۽ منهنجي مڙس کي منھنجو پيءُ ذوالفقار ۽ منھنجا ڀائر مارڻ چاھين ٿا، انهن اسان جي گھر تي به قبضو ڪري ورتو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.