شھدادڪوٽ لڳ گهرو اڻبڻت تان مڙس ھٿان زال قتل، جوابدار فرار

0
316

شھدادڪوٽ (ن پ ا) شھدادڪوٽ لڳ گهرو اڻبڻت تان مڙس ھٿان زال قتل، جوابدار فرار ٿي ويو . سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومر خان جتوئي ۾ سيد رجب علي شاهه پنهنجي زال بيبي سرور خاتون کي ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري گوليون ھڻي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو . اطلاع ملڻ تي سنجر ڀٽي ٿاڻي جو پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي وئي. رابطو ڪرڻ تي سنجر ڀٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيد مسرور شاھ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو .