شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ مبينا چوري دوران مزاحمت تي 3 گهر ڀاتي زخمي، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو،  خبر موجب شھر جي اسلام آباد پاڙي ۾3 نامعلوم هٿياربند گهر ۾ داخل ٿي چوري جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڀاڳيا جاڳي پيا، جن مزاحمت ڪئي ته چورن فائرنگ ڪري ۽ ڏنڊا ھڻي علي محمد ملڪ، سندس پٽ ڪامران ۽ عمران ملڪ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي سِمس اسپتال آندو ويو، جتان کين حيدرآبباد منتقل ڪيو ويو آهي، بعد ۾ کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا ويا، جيڪي پوليس موجب ڳوٺ بهادر ڪلوئي ۾ هڪ گهر ۾ لڳا آهن، ذريعن موجب ڪجھه ڏينهن اڳ متاثر خاندان جي 2 لک روپين جي لاٽري لڳي هئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،