شھدادپور ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 4 زخمي

0
333

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ لاکا ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، 4 زخمي ٿي پيا، هنڱورا روڊ تي ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گل حسن لاکو مارجي ويو، جڏهن ته وسيم، غلام حسين، طاهر لاکو ۽ سرور ڀٽي زخمي ٿي پيا، مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.