شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ نادرا عملي جو اڍنگو رويو، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ ۽ سندس مڙس تي مبينا تشدد، نادرا انچارج سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، خبر موجب سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ آيل سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سبحاني ڏاهري ۽ سندس ور دائود ڏاهري سان نادرا عملي مبينا بداخلاقي بعد تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي عمل خلاف متاثرن نادرا آفيس آڏو سخت احتجاج ڪيو، جنهن بعد پوليس سبحاني ڏاهري جي فرياد تي نادرا عملي جي 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ نادرا انچارچ شاهنواز چاچڙ، نويد چاچڙ، غلام مصطفيٰ لاکو ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادڻ موجب سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس وياسين جتي انچارج ۽ عملي گارگند ڪيو، منع ڪرڻ تي مڙس دائود کي لتن، مڪن سان حملو ڪري زخمي ڪيو، هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.