شھدادپور ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڄڻو هاف فراءِ

0
117
شھدادپور ڀرسان مبينا

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڄڻو هاف فراءِ ٿي ويو، مبينا ڏوهاري کان پسٽل برآمد ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس موجب ٽالپر رستي وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل 3 هٿياربند گشتي پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ مقابلي بعد ھڪ ڏوھاري ھالا واسي جاويد ڏاھري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ پسٽل پڻ برآمد ڪيو آهي

پوليس چيو آهي ته جوابدار جا ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا،گرفتار ٿيل ڏوھاري سانگھڙ، مٽياري، نوابشاھ  جي ضلعن ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث ۽ عادي ڏوھاري آهي سندس ڏوهي رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي

پوليس موجب گرفتار مبينا ڏوهاري کي سِمس اسپتال مان طبي امداد بعد نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏوهي وارداتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مبينا ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ بعد هاف فراءِ ڪري مقابلو ڄاڻايو ويو آهي