شھدادپور: ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ زال مڙس زخمي

0
333

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ زال مڙس زخمي ٿي پيا، ڳوٺ مراد مڪراڻي ۾ لنجواڻي ۽ حاجاڻا برادري جي ٻن ڌرين هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب گولي لڳڻ ڪري ڌڻي بخش حاجاڻو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڌڪ لڳڻ سبب سندس زال مسمات رحيمان پڻ زخمي ٿي پئي، پوليس پهچي زخمين کي سِمس اسپتال پهچايو، طبي امداد بعد ڌڻي بخش کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي، ٽي سال اڳ حاجاڻا برادري جي عورت ارباب زادي ڳوٺ جي راڻو لنجواڻي سان پيار پرڻو ڪيو هو جنهن بعد حاجاڻا برادري پرڻو ڪندڙ راڻو لنجواڻي کي گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو هو، قتل ڪيس ۾ بشير ۽ رشيد حاجاڻو جيل ڪاٽي رهيا آهن.