شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور لڳ 6 گهرن کي باھ، الھه تلھه سڙي رک، خبر موجب ڳوٺ علي محمد ٻگهيو ۾ ڪکانون گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻن ستار، جبار، عباس، خان محمد، فدا ۽ صالح ٻگهيو جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل هنڌ، کٽون، اناج، سولر پيلٽون، مال جو واڙو ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، جڏهن ته 8 ٻڪريون پڻ سڙي زخمي ٿي  پيون، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.