لنڊن (دلچسپ نيوز) ڪجهه زخم اهڙا هوندا آهن جيڪي ٺيڪ ناهن ٿيندا جڏهن ته شگر جي مريضن جا زخم گھڻي دير سان ٺيڪ ٿيندا آهن. ان ڪري هاڻ هڪ انقلابي هائڊروجل بڻائي وئي آهي جيڪا زخم تي آڪسيجن شامل ڪري ان کي تيزي سان ٺيڪ ڪري سگھي ٿي. جيتوڻيڪ آڪسيجن ٿيراپي سان زخمن جو علاج اڳ کان ٿي رهيو آهي پر هاڻ پاڻي سان ڀريل پٽيءَ ۾ خوردبين موتي شامل ڪيا ويا آهن جيڪي زخم تي سڌيءَ ريت آڪسيجن وجهن ٿا. آڪسيجن سان زخم تيزي سان ڀرجي وڃي ٿو ۽ ناسور به ختم ٿي وڃي ٿو. سينٽ لوئي ۾ موجود ميسوري واشنگٽن يونيورسٽي جي سائنسدانن بنيادي طور تي هڪ مادو تيار ڪيو ۽ ان ۾ خول وارا خوردبيني داڻا شامل ڪيا جن ۾ اينزائم ڪيٽيليز گڏيل هو. جيئن ئي ان مادي کي هڪ پٽي تي رکي زخم تي وڌو ويو ته اهو جلد جي گرمي سبب لچڪدار جيلي جيان بڻجي ويو.  ان کان پوءِ داڻڻ جي خول ۾ موجود ڪيٽيليز هائڊورجن تي آڪسائيڊ سان ميلاپ ڪيو ۽ آڪسيجن ٺهي. اهو عمل ٻن هفتن تائين جاري رهيو ۽ آڪسيجن جي ڪري سوڄ گھٽ ٿيندي وئي ۽ جلد جا نوان جيوگھرڙا ٺهندا رهيا. ان جي هڪ ٻي  خاص ڳالهه اها آهي ته اها پٽي ري ايڪٽو آڪسيجن اسپيشيز (آر او ايس) نالي خطرناڪ ڪيميڪل کي تباهه ڪري ٿي. آر او ايس جي سطح ان وقت وڌندي آهي جڏهن زخم تي آڪسيجن وڌي وڃي. اهڙيءَ طرح هائڊروجل آڪسيجن کي ڪنٽرول ۾ رکندي آهي. هميشه جيان ان ٽيڪنالوجي کي به ڪوئن تي آزمايو ويو. داڻن واري هائڊروجل استعمال ڪرڻ سان زخم 90 سيڪڙو تائين ڀرجي ويو يعني 10 سيڪڙو وڃي بچيو. ان جي ڀيٽ داڻڻ کان سواءِ جل سان زخم 70 سيڪڙو تائين ڀريو جڏهن ته لاعلاج زخمن کي ائين ئي ڇڏيو ويو ته اهو اڌ ختم ٿي ويو. علاج ۾ هڪ فائدو ٻيو به سامهون آيو تهداڻن واري هائڊروجل زخمن تي جيڪا کل چاڙهي اها ٿلهي ٿئي ۽ اهو سڀ ڪجهه رڳو اٺن ڏينهن ۾ ئي ٿيو. اميد آهي ته ان سان پيچيده زخمن ۽ شگر جي ختم نه ٿيندڙ زخمن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ غير معمولي مدد ملندي.