شڪارپور (رپورٽر) ڪرمپور ڀرسان 12 ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان هرکجي اغوا ٿيل ٺري ميرواھ واسي 17 ورھين جي عبدالحڪيم چنا کي شڪارپور پوليس ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس موجب شڪارپور ۽ ڪشمور پوليس جي ڪچي جي ڏوھارين خلاف گڏيل آپريشن بعد مغوي نوجوان کي بازياب ڪرايو ويو، جڏھن ته ھڪ جوابدار ڳوٺ خان محمد ڏيئو واسي عبدالرحمان ڏيئو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آھي ته نوجوان عبدالحڪيم 12 ڏينھن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي وڃي رھيو ھو ته پوليس کيس منع ڪري وارثن حوالي ڪيو، جنھن بعد نوجوان جي وارثن ڪيس داخل ڪرايو ھو، جنھن بعد جوابدار گرفتار ٿيڻ تي بازيابي ظاهر ڪئي وئي.