شيخ ڀرڪيو (رپورٽ: ايم رفيق ٿهيم ) شيخ ڀرڪيو ويجهو مشين اسٽاپ وٽ لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ  سبب ا ڄڻو مارجي ويو  ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.  ان ڏس ۾ شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد مشين اسٽاپ وٽ لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ 27  ورهين جو نوجوان علي رضا لغاري موقعي  تي مارجي ويو جڏهن ته  ٻي ڌر جا ٽي ڄڻا  صدام لغاري محمد حسن اوڍيجو نياز اوڍيجو زخمي ٿي پيا اطلاع ملڻ تي شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ فوتي کي اسپتال روانو ڪيو  جڏهن ته  وڌيڪ رتو ڇاڻ کي روڪڻ لا ٽنڊو غلام حيدر بلڙي شاه ڪريم  ٽنڊو محمد خان سٽي ۽ سي آئي اي پوليس مان  وڏي نفري  طلب ڪئي وئي شيخ ڀرڪيو پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ  هو جيڪو هڪ ڌر پاران پوکيل ڪمند جي فصل جي ڪٽائي سبب ڀڙڪي اٿيو جنهن۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو  جڏهن ته  ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن  پوليس موجب اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي  جڏهن ته ٻن ڌرين سان واقعي جو موقف وٺڻ لاء رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو